اسلام آباد-17 جون (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ ۾ بجيٽ تي بحث جاري آهي ميمبرن بجيٽ جي حوالي سان مختلف تجويزون پيش ڪيون، ڪجهه ميمبرن سولر پينلز تي ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ۽ 5 سيڪڙو ڪاربن ليوي جي تجويز کي واپس وٺڻ، زراعت ۽ صنعتن جي ترقيءَ لا جامع قدمن جو مطالبو ڪيو آهي. قومي اسيمبليءَ جي اجلاس جي پهرين سيشن ۾ ايندڙ مالي سال جي بجيٽ تي عام بحث ۾ حصو وٺندي مسلم ليگ (ن) جي ميمبر ملڪ ابرار احمد چيو ته سولر تي 18 سيڪڙو جي ايس ٽي حڪومت کي واپس وٺڻ گهرجي. ناڻي واري وزير کي اداره جاتي سڌارن طرف وڃڻ گهرجي، هڪ اهڙي پاليسي جوڙڻ گهرجي جيڪا قرضن ۾ واپسيءَ ۾ مددگار هجي. هن چيو ته راولپنڊيءَ ۾ پاڻيءَ جو سنگين مسئلو آهي، خانپور مان واٽر سپلاءِ اسڪيم لاءِ خاطرخواه فنڊز هئڻ گهرجن. هن چيو ته ڪينٽ اينڊ گيريزن اسڪولن ۾ سويلين ڪوٽا 60 سيڪڙو کان وڌيڪ هئڻ گهرجي. هن چيو ته اڊيالا باءِ پاس جي تعمير تعريف جوڳي آهي، ڪلثوم نواز اسپتال جو قيام احسن قدم آهي. سيد طارق حسين چيو ته پ پ هميشه جمهوريت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي، ايڇ اي سي جي بجيٽ ۾ 4.7 ارب رپيا سنڌ کي ڏيڻ تي اتفاق ڪيو هو پر بجيٽ ۾ صف 2.8 ارب رپيا رکيا ويا آهن، پي ڊبليو ڊي جي خاتمي کان پوءِ ٽنهي صوبن جا پئسا لاڳاپيل صوبن کي ڏنا ويا جڏهن ته سنڌ جا فنڊز هائوسنگ واري وزارت روڪي ڇڏيا، انهن معاملن کي ڏسڻ تمام ضروري آهي. هن چيو ته ڪراچي سنڌ جو حصو آهي، صوبائي بجيٽ ۾ ڪراچيءَ جي ترقيءَ لاءِ 199 ارب رپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته بجيٽ کي انقلابي بنائندي معاشي رستن جو تعين هئڻ گهرجي، جاري مالي سال دوران ايف بي آر کي شارٽ فال درپيش آهي، ايف بي آر کي گرفتارين جا اختيار ڏيڻ جي فيصلي تي نظرثاني هئڻ گهرجي، ان جي امڪاني اثرن سان نه صرف اوڳاڙين ۾ ڏکيائي پيش ايندي پر ڪاروباري ماحول کي به نقصان پهچندو. هن معيشت کي دستاويزي بنائڻ ۽ ڪپهه سميت اهم فصلن جي پيداوار ۾ واڌ لاءِ جامع قدمن جو مطالبو ڪيو. شهرام خان ترڪئي چيو ته زراعت ۽ وڏين صنعتن جي ترقيءَ سان مجموعي معيشت تي سٺا اثر پون ٿا، اهم فصلن جي پيداوار ۾ 14 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي، ڪپهه، ڪڻڪ، ڪمند ۽ ٻين اهم فصلن جي پيداوار ۾ گهٽتائي آئي آهي، اسان جي معيشت متاثر ٿي رهي آهي. هن چيو ته پوري دنيا ۾ 18 سيڪڙو جي ايس ٽي سان صنعتون نٿيون هلي سگهن، ٽيڪس رجيم سبب پرڏيهي سيڙپڪار ملڪ ناهن اچي رهيا، پر هتان کان سيڙپڪاري دبئي ۽ ٻين ملڪن ڏانهن منتقل ٿي رهي آهي، ايف بي آر کي گرفتارين جا اختيار نه ملڻ گهرجن. هن چيو ته عالمي بئنڪ موجب هر ٻن پاڪستانين مان هڪ غريب آهي، حڪومت طرفان ناڻي واڌ ۾ گهٽتائيءَ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي جڏهن ته ماڻهن جي قوتِ خريد گهٽ ٿي آهي. هر سال 42 لک ماڻهو افرادي قوت جي مارڪيٽ ۾ اچي رهيا آهن، پر انهن مان گهڻن کي روزگار جا موقعا دستياب ناهن، ڪاربن ليوي ۽ سولر پينلز تي ٽيڪس جو فيصلو واپس وٺڻ گهرجي. هن چيو ته سڀ کان وڌيڪ سستي بجلي فراهم ڪندڙ صوبي ۾ لوڊشيڊنگ جو ڊگهو سلسلو جاري آهي، ماڻهو احتجاج ڪري رهيا آهن. هن چيو ته سگريٽ تي جيترو ٽيڪس لڳائڻ چاهيو ته لڳايو پر تماڪ جي آبادگارن تي ڪو ٽيڪس نه هئڻ گهرجي. رانا قاسم نون بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته انتهائي خراب حالتن ۾ متوازن بجيٽ پيش ڪئي وئي، جي ڊي پي ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ بهتري آئي آهي، مالي خساري ۾ گهٽتائي سٺو سنوڻ آهي. هن چيو ته سڌارن جي حوالي سان هڪ بهتر بجيٽ آهي، ان ۾ لگزري شين تي ڇوٽ کي ختم ڪرڻ، ٽيڪس جي بنياد ۾ وصعت ۽ پگهارن ۽ پينشن ۾ واڌ وارا قدم تجويز ڪيا ويا آهن، حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي ۽ ڍانچه جاتي ۽ شعبي جاتي سڌارن لاءِ قدم تعريف لائق آهن. سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ بي آءِ ايس پي لاءِ فنڊز ۾ واڌ سٺو قدم آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ زرعي شعبي سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ٿي رهيو آهي، اسان جا آبادگار، هاري ۽ زميندار مسئلن جو شڪار آهن، پنجاب جي ٻهراڙي ۽ سنڌ ۾ ماڻهو اڌ قيمتن ۾ سامان ڏئي رهيا آهن، پر ڪو وٺڻ لاءِ تيار ناهي. هن چيو ته سولر پينلز تي ٽيڪس جي تجويز کي واپس ورتو وڃي ۽ عام ماڻهوءَ کي رليف ڏنو وڃي. هن چيو ته هاڻوڪي ڀارتي اڳرائي دوران پاڪستان جي هٿياربند فوج جهڙيءَ طرح پنهنجي ذميداري ادا ڪئي آهي، ان سان نه صرف پاڪستان پر پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين ۽ ڪشميرين جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي. هن چيو ته وفاقي بجيٽ ۾ ڏکڻ پنجاب جي ضلعن کي ترقي ڏيڻ تي توجهه ڏيڻ ضروري آهي، چناب پل۽ ٻين منصوبن سان علائقي ۾ ترقي ايندي.