اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته صحافت جي آزادي جمهوري نظام جو روح آهي، پيڪا قانون عامل صحافين کي تحفظ فراهم ڪري ٿو، تازي پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ دوران ميڊيا قومي سلامتي ۽ رياستي موقف جي تحفظ ۾ پُختگي جو مظاهرو ڪيو جيڪو ساراهه جوڳو آهي، جرنلسٽس پروٽيڪشن ڪميشن جلد ڪم شروع ڪري ڇڏيندي، باقاعدگي سان شايع نه ٿيندڙ اخبارن جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. اها ڳالهه هن ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپرز ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي صدر ڪاظم خان جي قيادت ۾ ملاقات جي لاءِ آيل سي پي اين اي جي وفد سان ڳالهائيندي چئي. ان موقعي تي وزيراعظم جو ميڊيا ڪوآرڊينيٽر بدر شهباز وڙائچ ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر مبشر حسن پڻ موجود هئا. ملاقات ۾ پيڪا ايڪٽ، باقاعدگي سان شايع نه ٿيندڙ نيوز پيپرز جي خاتمي، پرنٽ ميڊيا کي ادائيگين، جرنلسٽس پروٽيڪشن ڪميشن سميت ٻين اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وفد سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو ته پيڪا قانون مستنند صحافين کي تحفظ فراهم ڪري ٿو. پيڪا ايڪٽ جو اصل مقصد صحافت جي ويس ۾ لڪل نام نهاد ۽ جعلي صحافين کي قانون جي دائري ۾ آڻڻ آهي. هن چيو ته مشاورت ۽ وڌيڪ بهتري تي يقين رکان ٿو، پيڪا قانون تي صحافتي تنظيمن سان مشاورت جي لاءِ تيار آهيون. رولز بابت تجويزن جي آجيان ڪئي ويندي. وفاقي وزير چيو ته پيڪا قانون جي حوالي سان صحافين ۽ لاڳاپيل وزارت جي وچ ۾ غلط فهمين کي ختم ڪيو ويندو. هن ٻڌايو ته باقاعدگي سان شايع نه ٿيندڙ اخبارن جي خاتمي جي لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي. هن چيو ته پرنٽ ميڊيا کي هِن سال رهتن جي مد ۾ ادائيگيون ڪيون وينديون. عطاءُ الله تارڙ چيو ته جرنلسٽس پروٽيڪشن ڪميشن جلد ڪم شروع ڪري ڇڏيندي. اطلاعات واري وفاقي وزير تازي پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ دوران قومي مفاد ۾ ميڊيا جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته ميڊيا قومي سلامتي ۽ رياستي موقف جي تحفظ ۾ بالغ نظري جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته پاڪستاني ميڊيا صحيح معلومات جي پهچ ۽ افواهن جي خاتمي ۾ ذميواراڻو ڪردار ادا ڪيو ۽ مشڪل حالتن ۾ قومي يڪجهتي جو پيغام ڏنو جيڪو ساراهه جوڳو آهي. هن چيو ته صحافت جي آزادي جمهوري نظام جو روح آهي ۽ حڪومت صحافين جي تحفظ، ڀلائي ۽ پيشيواراڻي سهولتن جي لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي. سندس چوڻ هو ته ميڊيا رياست جو چوٿون ٿنڀ آهي ۽ حڪومت چاهي ٿي ته ميڊيا کي درپيش چئلينجز جو اداراجاتي حل ڪڍيو وڃي. سي پي اين اي جي وفد اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ پاڪ فوج جي عوامي لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پاران وقت سر ۽ تصديق ٿيل معلومات جي فراهمي تي انهن جي موثر ڪردار کي ساراهيو. وفد چيو ته اطلاعات واري وزارت معلومات جي وقت سر ۽ مستنند فراهمي يقيني بڻائي اطلاعات جي رواني کي موثر ۽ ٺوس رکيو جيڪو ساراهه جوڳو آهي. سي پي اين اي جي وفد صحافين جي تحفظ، معلومات تائين پهچ ۽ صحافت جي پيشيواراڻي ماحول جي بهتري بابت تجويزون پيش ڪيون. اطلاعات واري وفاقي وزير وفد جي تجويزن تي سنجيدگي سان غور ڪرڻ جي خاطري ڪرائي. هن چيو ته صحافين جي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن تعاون فراهم ڪنداسين، ميڊيا نمائندن سان گڏيل ورڪنگ گروپ جوڙي درپيش مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪنداسين.