اسلام آباد – 17 – جون (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سان اسپين جي سفير جوز انتونيو ڊي اوري ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم پاڪستان ۽ اسپين جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي لاڳاپن ۾ مثبت اڳڀرائي سان گڏوگڏ گهڻ رخي فورمز تي تعاون کي ساراهيو. ملاقات دوران هن علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.