اسلام آباد – 24 اپريل (اي پي پي) پاڪستان سپر ليگ ( پي ايس ايل جي ڏهين ايڊيشن جي 15 هيم ميچ (اڄ ) جمعي ڏينهن ڪراچي ڪنگز ۽ ڪوئٽه گليڊي ايٽرز وچ ۾ کيڏي ويندي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي ) جي اهتمام هيٺ پي ايس ايل جي 10 هين ايڊيشن جي دلچسپ مقابلن جو سلسلو جاري آهي . ليگ جي 15 هين ميچ ۾ جمعي ڏيهن ڪراچي ڪنگز ۽ ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جون ٽيمون قذافي اسٽيڊيم، لاهور ۾ مقابلو ڪنديون. ميچ رات جي وقت 8 وڳي شروع ٿيندي جيڪا فلڊ لائيٽس جي روشني ۾ کيڏي ويندي. ڪراچي ڪنگز جي قيادت آسٽريلوي بيٽسمين ڊيوڊ وارنر ڪري رهيو آهي ۽ ڪوئٽه گليڊي ايٽرز جي قيادت آل رائونڊر سعود شڪيل ڪري رهيو آهي.