لنڊن -25 اپريل (اي پي پي) انگلش پريمئير فٽ بال ليگ ۾ (اڄ) ڇنڇر تي وڌيڪ 5 ميچن جو فيصلو ٿيندو . اي پي ايل ۾ فٽ بال جي مداحن کي انتهائي دلچسپ ۽ سخت مقابلا ڏسڻ لاءِ ملي رهيا آهن. پهرين ميچ چيلسي ۽ ايورٽن جي ٽيمن وچ ۾ اسٽامفورڊ برج، لنڊن ۾ کيڏي ويندي، ٻي ميچ برائٽن اينڊ هووالبيون ۽ ويسٽ هيم يونائيٽڊ جي ٽيمن وچ ۾ آمريڪن ايڪسپريس اسٽيڊيم، فالمير ۾ کيڏي ويندي.ٽئين ميچ ۾ نيوڪسل يونائيٽڊ ۽ ايپسوچ ٽائون جون ٽيمون آمهون سامهون ٿينديون. اها ميچ جيمز پارڪ، نيوڪيسل اپون ٽائن ۾ کيڏي ويندي. چوٿين ميچ فلهم ۽ سائوٿمپٽن جي ٽيمن وچ ۾ سينٽ ميري اسٽيڊيم، سائوٿمپٽن ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته 26 اپريل تي پنجين ۽ آخري ميچ وولور هيمپٽن والا ۽ ليسٽر سٽي جي ٽيمن وچ ۾ مولينڪس اسٽيڊيم، وولور هيمپٽن ۾ کيڏي ويندي.