ڪراچي-25 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته قوم متحد آهي ۽ ڀارت ڪنهن به جارحيت جو سوچي به نٿو سگهي. هن واضع طور چيو ته سنڌ حڪومت قومي مفادن تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ڪندي. هن چيو ته سنڌ ۽ پنجاب جي وچ ۾ تعاون ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام جو ضامن آهي.اهڙو اظهار هن ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ پنجاب جي گورنر سليم حيدر سان ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ٻنھي اڳواڻن گڏيل دلچسپي وارن معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات ۾ خاص طور تي ھاڻوڪي تڪراري ڪئنالن واري مسئلي جي حل تي ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي واڌايون ڏنيون. وڏي وزير چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي سياسي ڏاهپ ۽ دانشمنداڻي قيادت سان تڪرار پرامن نموني سان حل ٿيو. هن چيو ته وزيراعظم شھباز شريف ۽ سندس ٽيم عوامي موقف کي ڌيان سان ٻڌو ۽ مسئلو خوش اسلوبي سان حل ڪيو، جيڪو عمل ساراهه جوڳو آهي. ملاقات دوران سياسي، سماجي ۽ قومي معاملن سان گڏوگڏ سنڌ طاس معاهدي سان لاڳاپيل مسئلن تي پڻ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وڏي وزير جي ترجمان موجب ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان جي اندروني استحڪام ۾ سڀئي صوبا اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي ٻنهي اڳواڻن هن عزم جو اظهار ڪيو ته صوبي وچ ۾ ڀائيچاري ۽ گڏيل اعتماد وسيلي ئي پاڪستان جي درپيش چئلينجن کي ڪاميابي سان منهن ڏئي سگهجي ٿو.