ڪراچي-25 اپريل (اي پي پي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ چيو آھي ته مليريا هڪ مڇر جي چڪ مان پکڙجڻ واري خطرناڪ بيماري آهي ۽ سنڌ حڪومت مليريا جي روڪٿام ۽ ان جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ ڀرپور اپاءَ وٺي رھي آھي. اھا ڳالھ ھن ڪالهه مليريا جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي وزيراعليٰ ھائوس مان جاري ڪيل خاص پيغام ۾ ڪئي. هن مليريا جي روڪٿام ۽ ان جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ سنڌ حڪومت جي اپائن تي روشني وجھندي چيو ته مليريا هڪ مڇر مان پکڙجڻ واري خطرناڪ بيماري آهي ۽ ان بيماري جي خاتمي لاء سڄي دنيا ۾ ڪوششون جاري آهن. مليريا جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي هن پڪو پهه ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت مليريا جي روڪٿام لاءِ مڪمل طور تي ڪم ڪري رهي آهي. سيد مراد علي شاهه وڌيڪ چيو ته سڄي سنڌ ۾ 3541 صحت جي ماهرن کي مليريا جي تشخيص ۽ علاج لاءِ مقرر ڪيو ويو آهي. ان کان سواءِ ٻوڏ متاثر علائقن خاص طور تي ضلعي قمبر جي تعلقي نصيرآباد ۾ هڪ لک مڇر دانيون ورهايون ويون آهن ته جيئن عوام کي مليريا کان بچائي سگهجي. وڏي وزير ٻڌايو ته گذريل سال جي ڀيٽ ۾ مليريا ۽ ڊينگي جا ڪيس 45 سيڪڙو گهٽ رڪارڊ ٿيا آهن، جيڪو سنڌ حڪومت جي صحت وارين پاليسين ۽ بهتر اپائن جو ثبوت آهي. هن چيو ته صاف سٿرو ماحول ئي صحتمند معاشري جو بنياد آهي ۽ هر فرد جي ذميواري آهي ته پنهنجي ماحول کي صاف رکڻ ۾ حصو وٺي. هن وڌيڪ چيو ته هڪ صحتمند معاشرو ئي روشن مستقبل جي ضمانت آهي ۽ هن مقصد کي حاصل ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت صحت جي ميدان ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪري رهي آهي. وڏي وزير پيغام ذريعي عوام کي آگاھ ڪيو ته ماحول کي صاف رکڻ اسان جي گڏيل ذميواري آهي ۽ اسان کي هن جنگ ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏيڻ گهرجي ته جيئن مليريا جهڙن خطرن کان بچي سگهجي.