اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ شفافيت ۽ تجويز ڪيل مقرر مدي ۾ نجڪاري يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اها هدايت هن پنهنجي صدارت ۾ پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز (پي آءِ اي) جي نجڪاري تي جائزه اجلاس ۾ ڏني. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن خواجه محمد آصف، احد خان چيما، عطاءُ الله تارڙ، اٽارني جنرل منصور اعواڻ، صلاحڪارن محمد علي، سيد توقير شاهه ۽ مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، خاص معاون هارون اختر، خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل بابت نيشنل ڪوآرڊينيٽر ليفٽيننٽ جنرل سرفراز احمد ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم کي نيلامي جي طريقيڪار، گهربل مدي ۽ نيلامي ۾ شرڪت جي لاءِ شرطن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم پي آءِ اي جي نجڪاري ۾ شفافيت کي اهميت ڏيڻ ۽ نجڪاري تجويز ڪيل مقرر مدي ۾ يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم پي آءِ اي جي نجڪاري جي لاءِ روڊ شوز ۽ سيڙپڪارن کي مڪمل اعتماد ۾ وٺڻ جي پڻ هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري جي طريقيڪار ۾ شفافيت کي مرڪزي اهميت ڏني وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته شفافيت يقيني بڻائڻ جي لاءِ پي آءِ اي سميت سمورين سرڪاري ڪمپنين جي نجڪاري اڳتي سڌوسنئون ٽيليويزن ۽ ڊيجيٽل پليٽ فارمز تي نشر ڪئي وڃي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته انويسٽر آئوٽ ريچ جي لاءِ ڪنسلٽنٽ سان گڏجي هڪ جامع اسٽريٽجي ٺاهي وئي آهي ۽ ان تي مڪمل عملدرآمد ٿي رهيو آهي.