ميڊرڊ-29 اپريل (اي پيپي ) آمريڪا جي مشهور ٽينس اسٽار ڪوڪوگف ۽ روس جي ٽينس اسٽار ميرا اينڊريوا ڊبليو ٽي اي ميڊرڊ اوپن ٽينس ٽورنامينٽ ۾ وومين سنگلز مقابلن ۾ پنهنجي ڪاميابي جي سلسلي کي جاري رکندي ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ پهچي ويون آهن. 21 سالن جي آمريڪي ٽينس اسٽار ڪوڪوگف ويمنز سنگلز مقابلن جي پري ڪوارٽر فائنل رائونڊ ۾ 28 سالن جي سوئس مخالف رانديگر بيلنڊا بينسڪ کي هارايو ۽ ٽاپ ايٽ رائونڊ لاءِ ڪواليفائي ڪيو جڏهن ته روس جي ٽينس رانديگر ميرا ايڊريو چوٿين رائونڊ ميچ ۾ يوڪرين جي مخالف رانديگر يوليا وولوڊيميريونا کي هارائي ڪوارٽر فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪيو. ڊبليو ٽي اي جي اهتمام هيٺ ميڊرڊ اوپن جا دلچسپ مقابلا اسپين جي گادي واري هنڌ ميڊرڊ جي وينيو پارڪ منزاناريس ۾ جاري آهن.