اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪئناڊا جي لبرل پارٽي کي چونڊن ۾ ڪاميابي ۽ مارڪ ڪارني کي ڪئناڊا جو وزيراعظم چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ”ايڪس“ تي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ ڀائراڻا ۽ خوشگوار لاڳاپا قائم آهن. اسان کي ڪئناڊا ۾ رهندڙ پنهنجي متحرڪ پاڪستاني ڪميونٽي تي فخر آهي. هن پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ نئين چونڊيل وزيراعظم ڪارني سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته اسان گڏيل حصيداري جي ذريعي پنهنجي قومن جي لاءِ بهتر موقعا پيدا ڪرڻ جا خواهشمند آهيون.