ڪراچي-29 اپريل (اي پي پي) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ سرڪار ڪراچي ۾ هلندڙ سڀني آن لائن ٽيڪسي سروسز کي هڪ ئي نظام هيٺ آڻڻ ۽ اي وي ٽيڪسون شروع ڪرڻ لاءِ ڪوششون وڌيڪ تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي. اهڙو اظهار هن ڪالهه ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ کاتي جي هڪ اهم اجلاس جي صدارت دوران ڪيو۔ اجلاس ۾ ڳالهائيندي سنڌ جي سينئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي جي شهرين کي معياري، محفوظ ۽ ماحول دوست سفري سهولتون فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي پھرين اوليت آهي. اي وي ٽيڪسي سروس جي شروعات سان نه رڳو شهر جي ٽيڪسي نظام ۾ بهتري ايندي پر ماحولياتي گدلاڻ ۾ به واضح گهٽتائي ايندي.هن چيو ته اسان ڪراچي ۾ ٽيڪسي نظام کي هڪ مربوط ۽ جديد انداز ۾ هڪ واحد سسٽم ۾ آڻڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، سمورين ٽيڪسي سروسز کي هڪ نظام هيٺ منظم ڪيو ويندو ته جيئن مسافرن کي محفوظ، معياري سهولتون فراهم ڪري سگهجن. سڀني ٽيڪسي سروسز لاءِ هڪجهڙي نظام جي شروعات سان ڀاڙا، سروس جي معيار ۽ گاڏين جي چڪاس جي نظام ۾ بهتري ايندي. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت عورتن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ پڻ قدم کڻي رهي آهي. پهرين مرحلي ۾، ڪم ڪندڙ عورتن ۽ شاگردياڻين کي 1,000 پنڪ اسڪوٽر مفت ڏنا ويندا. عورتن کي آسان سفري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ اسڪوٽر فراهم ڪرڻ لاءِ تيز قدم کنيا پيا وڃن.هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ڪراچي ۾ هلندڙ روايتي بسن کي ٻين ضلعن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي ۽ شهر جو پورو بس سسٽم اي وي بسن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي. ڪراچي جي شهرين لاءِ ڊبل ڊيڪر بسون هن سال جون تائين پهچنديون، جڏهن ته جون جي آخر يا جولاءِ جي شروعات ۾ نئين بسن جي هڪ وڏي کيپ پھچڻ جي اميد آهي.هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي ۾ اي وي چارجنگ پوائنٽس، پارڪنگ ۽ ٻيون ضروري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ پڻ ڪم جاري آهي. ايندڙ مالي سال جي بجيٽ ۾ عوام لاءِ نئين بسن جي خريداري لاءِ وڌ کان وڌ فنڊ مختص ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.اجلاس ۾ ڳالهائيندي وڏي وزير جي سيڙپڪاري ۽ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ بابت خاص مددگار قاسم نويد قمر چيو ته مختلف مقامي ۽ عالمي سيڙپڪارن کي ٽرانسپورٽ جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ قائل ڪيو پيو وڃي ۽ سنڌ حڪومت سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪندي۔اجلاس ۾ نوان موٽر وهيڪل انسپيڪشن سينٽر قائم ڪرڻ ۾ اڳڀرائي ۽ ڪراچي ۾ قائم ٿيل موٽر وهيڪل انسپيڪشن سينٽرن جي ڪارڪردگي جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ عوام کي آسان قسطن تي اي وي ٽيڪسي گاڏيون فراهم ڪرڻ لاءِ مختلف ماڊلز تي پڻ غور ڪيو ويو جڏهن ته اجلاس ۾ نوڪري ڪندڙ عورتن ۽ شاگردياڻين کي مفت اسڪوٽرن جي فراهمي جو پڻ جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد ضامن ۽ سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي جي ايم ڊي ڪمال دايو پڻ شرڪت ڪئي.