تهران _29 اپريل (اي پي پي)ايران اسرائيل جي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو جي تهران جي ايٽمي پروگرام کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ جي مطالبن کي رد ڪندي چيو آهي ته ان پروگرام کي نشانو بڻايندڙ ڪنهن به حملي جا سنگين نتيجا نڪرندا، ڪنهن به جارحيت جو فوري جواب ڏنو ويندو. پرڏيهي ميڊيا مطابق اها ڳالهه ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي پنهنجي ايڪس تي جاري بيان ۾ چئي. نيتن ياهو جي ريمارڪس تي تنقيد ڪندي هن چيو ته اسرائيل جو وهم آهي ته هو ايران کي ڪو حڪم ڏئي سگهي ٿو. نيتن ياهو جو بيان حقيقت کان ايتري قدر پري آهي ته جواب ڏيڻ جي به قابل ناهي. عباس عراقچي زور ڀريو ته ايران پنهنجي صلاحيتن ۾ گهڻو مضبوط ۽ پراعتماد آهي ته هو پنهنجي پرڏيهي پاليسي کي نقصان پهچائڻ يا ان جي رستي ۾ ايندڙ ڪنهن به رڪاوٽ کي هٽائڻ جي ٻاهرين ڪنهن به ڪوشش کي ناڪام بڻائي سگهي ٿو. هن چيو ته ڪيترائي ايراني هاڻي ايٽمي معاهدي کي ڪافي نٿا سمجهن، هو ٺوس فائدن جي ڳولا ۾ آهن. نيتن ياهو جا اتحادي جيڪو به چون يا ڪن اهي ان حقيقت کي تبديل نه ٿا ڪري سگهن . آخر ۾ سندس چوڻ هو ته ڪو فوجي آپشن موجود ناهي ۽ يقيني طورتي ڪو فوجي حل ناهي ڪنهن به جارحيت جو فوري جواب ڏنو ويندو.