واشنگٽن _29 اپريل (اي پي پي) آمريڪا ۾ حڪومتي آفيس ۾ وسيع پيماني تي برطرفين ۽ صحت، سماجي ڀلائي ۽ تعليم ۾ وڏين ڪٽوتين بعد ٽرمپ انتظاميه وڪي پيڊيا فائونڊيشن کي نشانو بڻايو آهي . پرڏيهي ميڊيا مطابق ان جي نتيجي ۾ اداري جي غير منافعي بخش حيثيت خطري ۾ پئجي وئي آهي. ياد رهي ته اهو اهو ادارو آهي جيڪو انٽرنيٽ تي مشهور انسائيڪلو پيڊيا هلائيندو آهي. ٽرمپ حڪومت الزام لڳايو آهي ته وڪي پيڊيا پرڏيهي عنصرن جي اثر هيٺ آهي ۽ آمريڪي عوام لاءِ معلومات ڏيڻ ۽ پروپيگنڊا پکيڙڻ جي اجازت ڏيندي آهي. اها مهم ٽرمپ حڪومت ۽ ان جي اتحادين طرفان ميڊيا ۽ آن لائن پليٽ فارمز خلاف وسيع ڪوشش جو حصو آهي جنهن تي لبرل ايجنڊا کي هٿي ڏيڻ جو الزام آهي.