صنعا-29 اپريل (اي پي پي) آمريڪا يمن ۾ حوثين تي نيون پابنديون لاڳو ڪري ڇڏيون آهن ڇو ته آمريڪا ڳاڙهي سمنڊ ۾ ايوي ايشن تي ڪيل حملن تي ايران سان واڳيل گروپ تي دٻاءَ وجهي رهيوآهي. پرڏيهي ميڊيا موجب پابندين جو اعلان آمريڪي ناڻي وزارت جي ويب سائيٽ تي ڪيو ويو آهي. ايف اي سي، يمن ۾ حوثين جي ڪنٽرول هيٺ بندرگاهن تائين رفائينڊ پيٽروليم مصنوعات جي فراهمي لاءِ ٽن سامونڊي جهازن ۽ ان جي مالڪ ڪمپنين تي پابنديون لاڳو ڪيون آهن. جن سامونڊي جهازن تي پابندي لڳائي وئي آهي انهن ۾ ٽيولپ بي زيڊ، ميسن ۽ وائيٽ وهيل شامل آهي.