رياض – 29 اپريل (اي پي پي)سعودي عرب جي ثقافت واري وزارت تاريخي جده جي علائقي لاءِ ڊجيٽل ايپليڪيشن لانچ ڪري ڇڏي آھي. پرڏيھي ميڊيا مطابق ايپ جاري ڪرڻ تاريخي جده جي بحالي منصوبي جي ھڪ حصي طور ڪيو ويو آھي جنھن کي سعودي ولي عھد شھزاده محمد بن سلمان اسپانسر ڪيو آھي. ان منصوبي جو مقصد علائقي کي ھڪ جامع شھري مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ آھي جيڪو ان جي تاريخي روح جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ ان کي ھڪ عالمي ثقافتي ۽ سياحتي ماڳ ۾ تبديل ڪري ٿو. ايپ ھڪ جامع ڊجيٽل تجربو پيش ڪري ٿي جيڪو صارفين کي تاريخي جده اندر پنھنجي سفر جي پروگرامن کي ڊيزائن ڪرڻ، جاري سرگرمين کان فوري اطلاع حاصل ڪرڻ ۽ دستاويزي تاريخي مواد تائين پھچ ڻ مدد ڏئي ٿي. اھا اپيليڪيشن ويزن 2030ع جا ھدف حاصل ڪرڻ لاءِ وزارت ذريعي لاڳو ڊجيٽل تبديلي جي ذريعن جي نمائندگي ڪري ٿي. اھا قديم ماضي جي تجديد ۽ ان کي حال سان جوڙڻ ۽ ھڪ ٻئي سان ڳنڍڻ جو تجربو فراھم ڪري ٿي جيڪا زائرين جي جاڳرتا جي سگھه ۾ واڌارو ڪندي ۽ تاريخي جده کي ثقافت ۽ ورثي لاءِ ھڪ اھم ماڳ طور ظاھر ڪري ٿي. اھا ثقافت واري وزارت جي ان اسٽريٽجڪ منصوبن کي لاڳو ڪرڻ جي ڪوششن کي وڌائي ٿي جيڪا جده جي تاريخي ضلعي جي تعميراتي ورثي کي جامع رکڻ، مقامي ۽ عالمي ثقافتي منظر نامي ۾ ان جي موجودگي کي وڌائڻ ۾ مدد گار آھي. وزارت ھڪ پائيدار ماحول تيار ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رھي آھي جيڪو جده جي تاريخي ڪردار جي عڪاسي ڪري ٿو، ثقافتي ۽ سياحتي سرگرمين جي ترقي کي ھمٿائي ٿو ۽ اقتصادي ۽ معاشرتي ترقي لاءِ نئون اوج ڏياريندو.