لاھور/ڪوئيٽا- 29 اپريل (اي پي پي) پنجاب جي گادي واري شھر لاھور مان حج فلائيٽ آپريشن 2025ع جي شروعات ٿي وئي آهي ۽ لاھور مان حج جي پھرين اڏام ايئرسيال پي ايف 7700 وسيلي 150 حج پانڌيئڙن کي کڻي مديني شريف ڏانھن رواني ٿي وئي آهي.صحت واري صوبائي وزير خواجه سلمان رفيق حج پانڌيئڙن کي رخصت ڪيو. ان موقعي تي حج ڊائريڪٽر محمد رضوان شريف، برگيڊيئر سڪندر اينٽي نارڪوٽڪس ۽ سول ايويشن جا اعليٰ عملدار به موجود ھئا. حاجي سڳورن جي روانگي جي حوالي سان ھڪ شاندار الوداعي تقريب به منعقد ٿي. صوبائي وزير خواجه سلمان رفيق تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته مان پنجاب حڪومت جي نمائندگي ڪري رھيو آھيان، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف سندس اھا ذميواري لڳائي آھي، مان خوش نصيب آھيان ته توھان سڀ کي مقدس سفر تي روانگي لاءِ الوادع چوڻ آيو آھيان. جڏهن ته بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندو خيل ڪوئيٽا جي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان پھرين حج اڏام جي حاجي سڳورن کي الوداع ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي ھن حاجي سڳورن کي چيو ته توھان خوش قسمت آھيو ته ڪوئيٽا کان پھرين حج اڏام ذريعي ڪجھه ڪلاڪن جو سفر طعي ڪري مديني شريف پھچي ويندا، مان ڪوئيٽا مان سڌي ريت اڏامن کي ممڪن بڻائڻ تي پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائينز ۽ ٻين سمورن لاڳاپيل اختيارين جي ڪوششن تي ٿورائتو آهيان، ان ۾ ڪو شڪ ناھي ته سڌي ريت اڏامن جي قدمن سبب بلوچستان جي عوام کي وڏي سھولت حاصل ٿي آھي.