اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار ھارون اختر خان چيو آھي ته صنعتي شعبي جي بحالي ۽ ايڪسپورٽ کي وڌائڻ وزيراعظم جو ويزن آھي، ايڪسپورٽز ملڪي معشيت لاءِ اھم آھن. انھن خيالن جو اظھار ھن پنھنجي صدارت ھيٺ وزيراعظم مينيوفيڪچرنگ سيڪٽر جي ايڪسپورٽ وڌائڻ واري ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ مينيوفيڪچرنگ سيڪٽر جي ايڪسپورٽ جي مسئلن تي غور ڪيو ويو ۽ ايڪسپورٽ ۾ گھٽتائي جو سبب، مھانگي بجلي، وڌيڪ ٽيڪس، ويليوايڊيشن جي گھٽتائي تي بحث ڪيو ويو. ھارون اختر خان چيو ته وزيراعظم جي ويزن مطابق ايڪسپورٽ پاڪستان جي معيشت لاءِ اھم آھي. ھن چيو ته ايڪسپورٽرز جو انگ وڌائڻ لاءِ عملي قدم کڻڻا پوندا. ھن چيو ته صنعتي شعبي جي بحالي وزيراعظم جو ويزن آھي. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن چيو ته ٽيڪنالاجي اپ گريڊيشن ۽ عالمي معيارن جي پاسداري اڻٽر آھي. ھارون اختر خان مسئلن جي حل لاءِ ذيلي ڪميٽيون جوڙي ذميواريون به ڏئي ڇڏيون آھن.