اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) سريلنڪا جي نيشنل ڊفينس ڪاليج ۾ تعليم پرائيندڙ سينيئر آفيسرن جي هڪ وفد پرڏيهي وزارت جو دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب ڊائريڪٽر جنرل (ڏکڻ ايشيا) الياس محمود نظامي وفد کي پرڏيهي وزارت جي معاملن، پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي اهم رخن ۽ پاڪستان سريلنڪا لاڳاپن جي مختلف رخن کان آگاهه ڪيو.