اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار بحرين جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر عبداللطيف بن راشد الزياني سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم پنهنجي بحريني هم منصب کي اڀرندڙ علائقائي صورتحال بابت آگاهه ڪيو جنهن ۾ ڀارت جا بي بنياد الزام، منفي پروپئگنڊه ۽ پاڪستان جي خلاف هڪ طرفيون ڪارروايون شامل آهن جنهن سان علائقائي استحڪام کي خطرو آهي. هن خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ استحڪام جي حمايت جاري رکندي پنهنجي قومي مفادن جي تحفظ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ پراڻي، ڀائراڻي لاڳاپن جو پڻ ورجاءُ ڪيو ۽ مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي طريقن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.