اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار هنگري جي پرڏيهي معاملن ۽ واپار واري وزير پيٽر سيجارتو سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم کيس موجوده علائقائي صورتحال کان آگاهه ڪيو. هن پاڪستان جي خلاف ڀارت جي بي بنياد پروپئگنڊه ۽ هڪطرفي غيرقانوني قدمن کي سختي سان رد ڪندي چيو ته سنڌ طاس معاهدي کي التوا ۾ رکڻ عالمي قانونن جي واضح خلاف ورزي آهي. نائب وزيراعظم امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي پنهنجي قومي مفادن جي دفاع لاءِ پاڪستان جي عزم تي زور ڏنو. پرڏيهي وزير پيٽر سيجارتو ڳالهه ٻولهه ۽ مسئلن جي پرامن حل جي ذريعي صورتحال کي گهٽ ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير پيٽر سيجارتو جي اسلام آباد جي تازي دوري کانپوءِ ٻطرفي لاڳاپن ۾ شاندار رفتار کي پڻ ساراهيو.