اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار کي ڪويت جي پرڏيهي وزير عبدالله علي اليحييٰ ٽيليفون ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب نائب وزيراعظم ڪويت جي پرڏيهي وزير عبدالله علي اليحييٰ کي بدلجندڙ علائقائي صورتحال بشمول ڀارت جي بي بنياد پروپئگنڊه ۽ پاڪستان جي خلاف غيرقانوني هڪطرفي قدمن کان آگاهه ڪيو. ڪويت جي پرڏيهي وزير عبدالله علي اليحييٰ پاڪستان ۽ ڪويت جي وچ ۾ گهري ۽ ڀائراڻن لاڳاپن جو ورجاءُ ڪندي پاڪستان کي ڪويت جي حمايت جو يقين ڏياريو.