اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪيچ ضلعي بلوچستان ۾ دهشتگردن جي خلاف ڪامياب ڪارروائي تي سيڪيورٽي فورسز کي شاباس ڏيندي چيو آهي ته ملڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رکنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڪارروائي دوران ٽن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن جي پيشيواراڻي صلاحيتن کي ساراهيو. وزيراعظم دهشتگردي جي لعنت جي ملڪ مان مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته دهشتگرد بلوچستان جي امن ۽ عوام جي ترقي جا دشمن آهن، حڪومت بلوچستان جي ترقي ۽ ان جي عوام جي خوشحالي جو سفر ائين کي برقرار رکندي، پاڪ زمين جي حفاظت جي پختي عزم سان مون سميت پوري قوم پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.