اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ڪئناڊا جي وزيراعظم مارڪ ڪارني کي چونڊن ۾ سندس پارٽي جي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر پاڪستان ۽ ڪئناڊا جي وچ ۾ بهترين ٻطرفي لاڳاپن جو ذڪر ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته وزيراعظم مارڪ ڪارني جي قيادت ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ٿيندا.