اسلام آباد-29 اپريل (اي پي پي) وفاقي وزير احد خان چيما چيو آهي ته پاڪستان ۽ قازقستان وچ ۾ گهرا ثقافتي، تاريخي ۽ روحاني رشتن تي ٻَڌل پُراڻا ۽ دوستي وارا ناتا قائم آهن، پاڪستان جي سيڙپڪاري پاليسي آزاداڻي، غير ارادي ۽ نجڪاريءَ تي ٻَڌل آهي، پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي صورت ۾ منافعو، سرمايو يا ڊيويڊنڊ جي وطن واپسيءَ تي ڪا پابندي ناهي. قازقستان سان واپار، معيشت، ثقافت ۽ سياحت سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. هن اها ڳالهه پاڪستان ۽ قازقستان جي بين الحڪومتي ڪميشن جي اجلاس کي خطاب ڪندي چئي. وفاقي وزير قازقستان جي وفد جو گرمجوشيءَ سان آڌرڀاءُ ڪندي چيو ته هو قازق ڀائرن جو دل جي گهرائين سان شڪريو ادا ڪري ٿو جنهن مستقل عزم، گرمجوشي، هڪ خوشحال ۽ گڏيل مستقبل لاءِ هڪجهڙي ويزن سان ان تعلق کي مضبوطي سان اڳيان وڌايو آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ سفارتي ناتا 1992ع ۾ قازقستان جي آزاديءَ جي فوري بعد قائم ٿيا. گڏيل بين الحڪومتي ڪميشن تحت ٻنهي ملڪن واپار، علائقائي رابطن، توانائي، زراعت ۽ سماجي ترقيءَ سميت مختلف شعبن ۾ فعال سهڪار ادا ڪيو آهي. هن چيو ته ڊسمبر 2023ع ۾ رٿيل 12هين اجلاس کان پوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ معاشي ناتن ۾ مسلسل بهتري آئي آهي، اسان جو ٻه طرفو واپاري ڳاڻيٽو اڃا به اسان جي مقرر هدف يعني هڪ ارب ڊالر کان تمام گهٽ آهي. ان باوجود اسان هاڪاري قدمن تي خوش آهيون جيڪي واپاري رابطن کي هٿي ڏيڻ لاءِ کنيا ويا آهن. هن چيو ته ان روشنيءَ ۾ (اڄ)ڪراچيءَ ۾ منعقد ٿيندڙ بزنس ٽو بزنس فورم جو بندوبست تعريف جوڳو آهي جنهن ۾ قازق ڪمپنيون به شرڪت ڪري رهيون آهن. اهو قازق ڀائرن جو هڪ قدر جوڳو قدم آهي جنهن سان اقتصادي ڀائيواري کي مضبوط ڪرڻ جي عزم جي عڪاسي ٿي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته 13هين بين الحڪومتي اجلاس ۾ کنيل اسٽريٽجڪ قدم به وڏي اهميت وارا آهن، واپاري ۽ اقتصادي سهڪار جي روڊ ميپ ۽ اليڪٽرانڪ واپار بابت مفاهمتي يادداشت تي صحيحون به اهم قدم آهن، جن سان واپار کي آسان بنائڻ، ڊجيٽل ڪامرس کي هٿي وٺرائڻ ۽ وسيع اقتصادي ڀائيواري جي راهه هموار ٿيندي، اسان کي اميد آهي ته ٽرانزٽ ٽريڊ معاهدو به جلد مڪمل ٿي ويندو ۽ ان تي صحيحون ڪيون وينديون. انهن قدمن سان نه صرف واپاري ڳاڻيٽي ۾ واڌ ٿيندي پر سيڙپڪاري جي اؤسر ۽ اسان جي سپلاءِ چينز کي وڌيڪ مربوط ڪرڻ ۾ به مدد ملندي. هن چيو ته اسان کي خوشي آهي ته پاڪستان جي نيشنل لاجسٽڪس سيل ۽ قازقستان جي ڪي ٽي ايڊ ايڪسپريس وچ ۾ هڪ وڏي پيماني تي واپاري راهداري قائم ڪئي وئي آهي، اهڙيءَ طرح لاجسٽڪس ڪمپنين جي هڪ بين الاقوامي گڏيل ڪنسوريشم جي جوڙجڪ هڪ نئون سنگِ ميل آهي جنهن سان نه صرف واپار کي هٿي ملندي پر علائقائي انضمام جو به ذريعو بڻجندي. هن چيو ته پاڪستان ذريعي جبل علي- الماتي روڊ علائقائي اقتصادي فائدن کي کولڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿو. چار ڌُري ٽريفڪ اِن ٽرانزٽ معاهدو ان حڪمت عملي جو بنيادي ٿنڀ آهي ۽ اسان سمجهون ٿا ته ان معاهدي کي مڪمل طور تي استعمال ڪري علائقائي موقعن مان فائدو کڻي سگهجي ٿو. ويجهڙ ئي ۾ قازقستان جي هڪ اعليٰ سطحي جي ماهرن جي وفد گوادر ۽ ڪراچي جي بندرگاهن جو دؤرو ڪيو، جيڪو هڪ سٺو سنوڻ آهي. اهو دؤرو قازقستان لاءِ پاڪستان جي بندرگاهن ذريعي مارڪيٽ تائين پهچ لاءِ نوان امڪان تلاش ڪرڻ طرف هڪ مضبوط قدم آهي. اسان ثقافتي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ جي ڪوششن جي آجيان ڪريون ٿا، خاص طور تي ثقافت جي شعبي ۾ سهڪار لاءِ ايڪشن پلان ذريعي ترڪمانستان ۽ لاهور جهڙن ثقافتي جهڙن وچ ۾ ”ٽوئننگ“ لاءِ تجويز ڪيل مفاهمتي يادداشت تي صحيح هڪ علامتي قدم هوندو، اسان قومي هيروز جي نالي تي روڊن جا نالا رکڻ جي فيصلن کي به هڪ معنيٰ ڏيندڙ علامت سمجهون ٿا، جيڪو ٻنهي قومن وچ ۾ گهرن ثقافتي رشتن ۽ دوستيءَ جو مظهر آهن. هن چيو ته سياحت کي هٿي وٺرائڻ پاڪستان حڪومت جي ترجيح آهي. اسان جو ملڪ ثقافتن جي دلڪشي ۽ قدرتي حسن سان مالامال آهي ۽ قازق سياحن کي اسان ڀليڪار چئون ٿا. ٻنهي ملڪن وچ ۾ سياحتي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ لاءِ اسان گڏيل تصديق ٿيل ٽوئر آپريٽرز جي فهرستن جي مٽاسٽا جي اميد رکون ٿا. ان شعبي ۾ سهڪار سان نه صرف معيشت کي فائدو پهچندو پر انهن جي عوام وچ ۾ بهتر ثقافتي فهم ۽ دوستي ءَ کي هٿي ملندي.