لاهور-29 اپريل (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن، خطي ۾ پاڪ- ڀارت ڇِڪتاڻ ۽ فلسطين جي مسئلي تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو کاتي موجب ملاقات دوران وفاقي وزير، مولانا فضل الرحمان کي ڀارت جي غير منتقي ۽ هڪ طرفي قدمن تي پاڪستان جي اصولي مؤقف ۽ نيشنل سيڪيورٽي ڪميٽي جي هاڻوڪن فيصلن کان آگاهه ڪيو. محسن نقوي چيو ته ڀارت باهه سان راند کيڏڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان ڪنهن به اڳرائيءَ جو پوري قوت سان جواب ڏيندو. مولانا فضل الرحمان چيو ته ڀارتي وزيراعظم مسلمان دشمن آهي ۽ جتي اسلام ۽ مسلمانن خلاف ڪو محاذ هوندو مودي اتي نظر ايندو. گهرو وزير، مولانا فضل الرحمان جي طبيعت معلوم ڪئي ۽ سندس صحت لاءِ نيڪ خواهشن جو اطهار ڪيو. جڏهن ته وفاقي گهرو وزير محسن نقوي گذريل ڏينهن منصوره جو دؤرو ڪري جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان سان ملاقات ڪئي. ان اهم ملاقات ۾ پاڪ- ڀارت ڇِڪتاڻ، سرحدن جي صورتحال ۽ قومي سلامتيءَ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. گهرو کاتي جي ترجمان موجب گهرو وزير، حافظ نعيم الرحمان کي نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جي هاڻوڪن فيصلن تي بريفنگ ڏني ۽ پاڪستان جي اصولي مؤقف بابت آگاهه ڪيو. ان موقعي تي جماعت اسلامي جو سينيئر اڳواڻ لياقت بلوچ به موجود هو.