اسلام آباد-29 اپريل (اي پي پي) بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله قازقستان جي سياحت ۽ راندين بابت نائب وزير يرزان يرڪينبايوف ۽ قازقستان چيمبر آف انٽرنيشنل ڪامرس (سي سي آءِ) جي صدر ڪانت آلِن سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ قازقستان وچ ۾ راندين ۽ سياحت جي شعبن ۾ سهڪار کي هٿي ڏيڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. راڻا ثناءُ الله ٻنهي ملڪن وچ ۾ دوستاڻن ناتن کي ساراهيو ۽ ان کي مختلف شعبن ۾ عملي سهڪار ذريعي وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان قازقستان کي هاڪي، اسڪوائش ۽ اسنوڪر جهڙين راندين ۾ فني معاونت فراهم ڪندو ته جيئن انهن راندين کي هٿي وٺرائي سگهجي. هنن عورتن جي راندين ۾ شرڪت کي هٿي ڏيڻ لاءِ خاص قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ چيو ته ان حوالي سان گڏيل حڪمت عملي ترتيب ڏئي سگهجي ٿي. وفاقي وزير نوجوانن کي هاڪاري سرگرمين طرف راغب ڪرڻ لاءِ راندين جي مٽاسٽا پروگرامز کي انتهائي اثرائتو قرار ڏنو. ملاقات دوران ٻنهي ملڪن جي اسپورٽس ادارن وچ ۾ ڀائيواري ۽ سهڪار وڌائڻ، ڪوچز ۽ ماهرن جي مٽاسٽا، تربيتي پروگرامز ۽ گڏيل مقابلن جو بندوبست ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. راڻا ثناءُ الله ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ قازقستان سان ويجها ناتا جاري رکندو، ته جيئن نه صرف ناتا مضبوط ٿين پر نوجوان نسل جي صلاحيتن کي به اجاگر ڪري سگهجي.