اسلام آباد-29 اپريل (اي پي پي) سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير خالد حسين مگسيءَ سان چيڪ ريپبلڪ جي سفير جي قيادت ۾ اعليٰ سطحي وفد ملاقات ڪئي. سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ تي ڳالهه ٻولهه ٿي. چيڪ ريپبلڪ جي سفير پاڪستان ۾ اُڀرندڙ ٽيڪنالاجيز جي شعبي ۾ اسڪالرشپس ڏيڻ جي آڇ ڪئي جيڪا ٻنهي ملڪن وچ ۾ علمي ۽ تحقيقي ناتن کي هٿي وٺرائڻ طرف هڪ قدم آهي. وفاقي وزير عالمي انوويشن انڊيڪس ۾ پاڪستان جي بهتر درجابندي کي سٺو سنوڻ قرار ڏيندي چيو ته پاڪستان جي باصلاحيت افرادي سگهه سڄي دنيا ۾ اعليٰ معاوضن تي ڪم ڪري رهي آهي. ان موقعي تي هن پاڪستان جي ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ ترقي ۽ عالمي سطح تي ان جي مقام کي اجاگر ڪيو. هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان جي افرادي سگهه جي ترقيءَ لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي ته جيئن عالمي سطح ملڪ کي وڌيڪ سٺو مقام ڏياري سگهجي. خالد حسين مگسي ملاقات ۾ ميٽرولاجي جي اهميت جو ذڪر ڪندي چيو ته صنعتن جي ترقي ۽ معيار کي يقيني بنائڻ لاءِ ان شعبي جي مضبوطي ضروري آهي. هن چيڪ ريپبلڪ جو شڪريو ادا ڪيو ته هن نوجوان سائنسدانن ۽ ٽيڪنالاجي جي صلاحيتن ۾ واڌ لاءِ آڇ ڪئي، جيڪا ٻنهي ملڪن وچ ۾ علم۽ ٽيڪنالاجي ۾ سهڪار لاءِ نوان دروازا کوليندي.