اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ واپاري رابطا قائم ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي، ريل لنڪ منصوبو پوري علائقي جي لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندو جيڪو وچ ايشيائي رياستن کي گوادر پورٽ سان ڳنڍيندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار قزاخستان جي ٽرانسپورٽ واري وزير مرات ڪاراباييو سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم قزاخستان جي صدر قاسم جومارت توڪايف جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته قزاخستان جي صدر سان سعودي عرب ۾ ورلڊ واٽر سمٽ دوران ملاقات انتهائي ڪارائتي رهي. وزيراعظم گذريل سال پنهنجي قزاخستان جي دوري جو پڻ ذڪر ڪيو. هن چيو ته قزاخستان جي صدر جي پاڪستان جي دوري جا منتظر آهيون، قزاخستان جي صدر جي پاڪستان جي دوري کي ڪارائتو بڻائڻ جي لاءِ حڪمت عملي تي تيز رفتاري سان ڪم ڪيو ويندو، پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ريل لنڪ جي حوالي سان فزيبلٽي تي ڪم شروع ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ريل لنڪ پوري علائقي جي لاءِ هڪ گيم چينجر منصوبو ثابت ٿيندو جيڪو وچ ايشيائي رياستن کي گوادر پورٽ سان ڳنڍيندو، ريل لنڪ فزيبلٽي ۽ ٽيڪنيڪي معاملن جي حوالي سان هڪ وفد جلد قزاخستان جو دورو ڪندو، قزاخستان پاڪستان ۾ مارشل آرٽس ۽ شطرنج جي فروغ ۾ ماهراڻو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. وزيراعظم چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تعليم جي شعبي ۾ تعاون جي بي پناهه صلاحيت موجود آهي، قزاخستان جي يونيورسٽين جي پاڪستان ۾ ڪيمپسز کولڻ جي حوالي سان موقعا موجود آهن، قزاخستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سڌوسنئون هوائي رابطن جي حوالي سان پي آءِ اي حڪمت عملي ٺاهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ بزنس ٽو بزنس لاڳاپن قائم ڪرڻ اسان جي ترجيح آهي. ملاقات ۾ زراعت، معيشت، واپار، سيڙپڪاري، آءِ ٽي ۽ مواصلات جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. قزاخستان جي ٽرانسپورٽ واري وزير پاڪستان ۾ شاندار استقبال ۽ ميزباني تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته قزاخستان جي واپاري برادري ۽ سيڙپڪارن پاڪستان سان بزنس ٽو بزنس لاڳاپا قائم ڪرڻ جي حوالي سان گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي، پاڪستان هڪ تيزي سان ڀرندڙ مارڪيٽ آهي، ڪراچي ۽ گوادر جي بندرگاهن جي قزاخستان جي لاءِ انتهائي وڌيڪ اهميت آهي، انهي حوالي سان المآتي کان گوادر تائين ريل لنڪ اسان جي لاءِ انتهائي ضروري آهي، پاڪستان ۽ قزاخستان گڏيل بين الوزارتي ڪميشن جي 13هين اجلاس ۾ 10 شعبن ۾ تعاون جي حوالي سان فريم ورڪ تي صحيحون ٿيون آهن. ان کانسواءِ معاشي لاڳاپن ۾ مضبوطي، اطلاعات ۽ ثقافت، ٽيڪسٽائيل ۽ معدنيات جي شعبن ۾ ڪيترين ئي مفاهمتي يادداشتن تي پڻ صحيحون ٿيون آهن. هن چيو ته قزاخستان جي واپاري برادري ۽ سيڙپڪارن جو هڪ وفد پڻ پاڪستان جي دوري تي آهي. وفد ڪراچي ۽ گوادر جي بندرگاهن جو دورو پڻ ڪيو آهي. ڪاروباري وفد جون ڪراچي ۾ بي ٽو بي ملاقاتون پڻ ٿيون آهن. ملاقات ۾ مواصلات وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ريلوي وارو وفاقي وزير حنيف عباسي، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر موجود هئا.