اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري ضلعي ڪيچ جي علائقي تربت ۾ ڪارروائي دوران سيڪيورٽي فورسز پاران 3 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر تربت ۾ ڪارروائي دوران 3 دهشتگردن جو خاتمو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو. هن چيو ته دهشتگردن جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز جون ڪارروايون جاري رهنديون. صدر دهشتگردي جي لعنت جي مڪمل خاتمي جي قومي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته دهشتگرد عنصرن جي خاتمي ۽ ملڪي دفاع جي لاءِ اسان جو عزم مضبوط رهندو.