اسلام آباد – 30 اپريل (اي پي پي) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته پاڪستان وٽ مستند انٽيليجنس اطلاع آهن ته ايندڙ 24 کان 36 ڪلاڪن ۾ پهلگام واقعي سان جڙيل بي بنياد ۽ هٿ ٺوڪين الزامن کي بنياد بڻائي ڀارت، پاڪستان خلاف فوجي ڪارروائي ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو. اڱاري ڏينهن هڪ خصوصي ڳالهه ٻولهه ۾ وفاقي وزير چيو ته پاڪستان، ڀارت جو خطي ۾ مدعي، منصف ۽ جلاد وارو خود ساخته ڪردار سختي سان رد ڪري ٿو. هن واضح ڪيو ته پاڪستان پاڻ ٻن ڏهاڪن کان دهشتگردي جو شڪار رهيو آهي ۽ ان دنيا ۾ ڪنهن به شڪل ۾ ٿيندڙ دهشتگردي جي سخت مذمت ڪئي آهي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پهلگام حملي کان پوءِ پاڪستان ذميدار رياست بنجڻ جي حيثيت سان سچائي جو پتو لڳائڻ ۽ ان جي سببن ڄاڻڻ لاءِ کليل دل سان آزاداڻي ۽ اڻ ڌري جاچ جي آڇ ڪئي پر بدقسمتي سان ڀارت غير معقوليت ۽ ٽڪراءُ جي واٽ تي هلڻ کي چونڊيو جيڪو خطي ۽ دنيا ۾ تباهي آڻيندڙ نتيجن جو ڪارڻ بڻبو. هن چيو ته اڻ ڌري جاچ کان ڀڄڻ خود ڀارت جي اصل مقصدن کي وائکو ڪرڻ لاءِ وڏو ثبوت آهي. سياسي مقصد حاصل ڪرڻ لاءِ ڄاڻي واڻي عوامي جذبات کي ڀڙڪائي اهڙي ريت فيصلا ڪرڻ بدقسمتي ۽ افسوسناڪ آهي. وفاقي وزير واضح ڪيو ته پاڪستان ان ڳالهه کي واضح نموني ورجائي ٿو ته ڀارت طرفان ڪنهن به قسم جي فوجي مهم جوئي جو يقيني ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته عالمي برادري کي به سمجهڻ جي ضرورت آهي ته جنگ جي نتيجي ۾ تباهي آڻيندڙ نتيجن جي ذميداري صرف ۽ صرف ڀارت تي لاڳو ٿيندي. عطاءُ الله تارڙ چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سلامتي جو هر قيمت تي دفاع ڪندي.