اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سنڌ طاس معاهدي جي حوالي سان ڀارت جي غيرقانوني ۽ غيرذميواراڻي قدمن کي ناقابل قبول قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌ طاس معاهدي تحت ملندڙ پاڻي 240 ملين ماڻهن جي لائيف لائين آهي، ڀارت پاران ڪنهن به مهم جوئي جي صورت ۾ پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو پوري طاقت سان دفاع ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم اهڙن خيالن جو اظهار گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جي وچ ۾ ٽيليفون تي ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه ۾ خاص طور تي ڏکڻ ايشيا جي تازي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم سيڪريٽري جنرل کي پاڪستان جي دهشتگردي جي خلاف عالمي جنگ ۾ قربانين جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي سمورين شڪلين جي مذمت ڪري ٿو. پاڪستان جي خلاف ڀارتي الزامن کي بي بنياد قرار ڏيندي وزيراعظم پاڪستان کي پهلگام واقعي سان ڳنڍڻ جي ڪنهن به ڪوششن کي واضح لفظن ۾ رد ڪيو ۽ واقعي جي شفاف ۽ غيرجانبداراڻي جاچ جي پنهنجي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ڪشميرين جي آزادي جي جدوجهد کي غيرقانوني قرار ڏيڻ جي ڀارت جي ڪوششن سان گڏوگڏ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ان جي وسيع پئماني تي رياستي سرپرستي ۾ دهشتگردي تي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن خاص طور تي سنڌ طاس معاهدي جي حوالي سان ڀارت جي غيرقانوني ۽ غيرذميواراڻي قدمن کي ناقابل قبول قرار ڏيندي چيو ته سنڌ طاس معاهدي تحت فراهم ٿيندڙ پاڻي 240 ملين ماڻهن جي لائيف لائين آهي. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڀارت پاران ڪنهن به مهم جوئي جي صورت ۾ پاڪستان پنهنجي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو پوري طاقت سان دفاع ڪندو. وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل تي زور ڏنو ته هو ڀارت کي ذميواري کان ڪم وٺڻ ۽ تحمل جو مشورو ڏي. وزيراعظم ڄمون ۽ ڪشمير جي حل طلب مسئلي کي ڏکڻ ايشيا ۾ عدم استحڪام جو بنيادي سبب قرار ڏيندي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل تي زور ڏنو ته هو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب ان جي منصفاڻي حل جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. وزيراعظم عالمي برادري جي ذميوار ميمبر ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي حيثيت سان عالمي امن ۽ سلامتي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته دنيا هن اهم وقت ۾ خطي ۾ ڪنهن به قسم جي ڇڪتاڻ کي برداشت نه ٿي ڪري سگهي.