اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آذربائيجان جي اقتصاديات واري وزير ميڪائيل جباروف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب هن جاري ترقياتي ۽ سيڙپڪاري جي قدمن بابت اڳڀرائي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن پنهنجي مضبوط ٻطرفي لاڳاپن جي توثيق ڪندي سيڙپڪاري جي تعاون کي اڳتي وڌائڻ ۽ غور هيٺ ترجيحي منصوبن بابت گڏيل مفاهمت کي وڌائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ڪيو.