راولپنڊي-29 اپريل (اي پي پي) پاڪ فوج پاڪستان ۾ ڀارتي دهشتگردي جا مڪمل ثبوت دنيا آڏو پيش ڪري ڇڏيا آهن، ڀارت پنهنجي فوج ذريعي پاڪستان ۾ ٿيندڙ دهشتگرديءَ ۾ سڌيءَ ريت ملوث آهي، ڀارتي فوجي آفيسر ميجر سنديپ ورما، صوبيدار سکويندر، حوالدار اميت ۽ هڪ سپاهي دهشتگردن جي آن لائن تربيت ۽ فنڊنگ ڪندا آهن، اها ڳالهه ٻولهه ۽ چيٽ پڪڙي وئي آهي، گرفتار دهشتگردن پڻ اعتراف ڪري ورتو آهي. آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته پهلگام واقعي کي 7 ڏينهن ٿي ويا آهن پر اڃا تائين الزامن جا ڪي به ثبوت ناهن پيش ڪيا ويا، 7 ڏينهن ٿي ويا آهن ۽ اتي صرف زباني ڳالهيون هلي رهيون آهن، اسان توهان آڏو ڀارت جي رياستي دهشتگرديءَ جا مڪمل ثبوت پيش ڪري رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته ڀارت پاڻ رياستي دهشتگردي ڪري رهيو آهي، 25 اپريل تي ڀارتي تربيت يافته دهشتگرد عبدالمجيد کي جهلم ويجهو بس اڏي تان پڪڙيو، گرفتار جوابدار وٽان اڍائي ڪلوگرام وزني بم هٿ ٿيو، ان جي گهر مان ڀارتي ساخته ڊرون ۽ 10 لک رپيا هٿ ڪيا ويا، ان دهشتگرد جو هينڊلر ڀارت جو هڪ فوجي آهي، ان هينڊلر جي گرفتار ٿيل دهشتگرد سان ڳالهه ٻولهه به سامهون آئي آهي، دهشتگرد جي موبائل فون مان ڀارت ۾ ٿيل ڳالهه ٻولهه پڪڙي وئي، ان جي ڪميونيڪيشن ڀارت ۾ صوبيدار سکويندر سان ٿي رهي هئي. هن ٻُڌايو ته گرفتار شخص جي ڪميونيڪيشن ڀارت ۾ صوبيدار سکويندر سان ٿي رهي هئي، ان ڪميونيڪيشن ۾ 4 ڀارتي فوجي آفيسرن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي. انهن ڀارتي فوجي آفيسرن ۾ ميجر سنديپ ورما، صوبيدار سکويندر، حواليدار اميت ۽ هڪ سپاهي شامل آهي، ڀارتي هينڊلر انهن دهشتگردن کي چئي رهيو آهي ته پاڪستان ۾ شهرين جا لاش گُهرجن، پاڪستان ۾ ڪارروائي ڪريو ته جيئن دنيا کي ٻُڌائي سگهجي ته هتي دهشتگردي آهي، ڀارتي هينڊلرز دهشتگردن کي بم بنائڻ جي طريقن تي ٻَڌل وڊيوز موڪليندا آهن. هن چيو ته ڪميونيڪيشن ۾ ميجر سنديپ اعتراف ڪيو آهي ته هو بلوچستان کان لاهور تائين دهشتگردي ڪري رهيا آهن. سيپٽمبر 2024ع تي سکويندر برناله ڀمبر ۾ بارودي مواد جي نشاندهي ڪئي، دهشتگرد عبدالمجيد برناله ڀمبر مان بارودي مواد حاصل ڪيو، 13 آڪٽوبر تي دهشتگرد باغ ضلعي ۾ فوجي گاڏيءَ تي بم حملو ڪيو، حملي ۾ فوج جا 3 جوان زخمي ٿيا، ان بم حملي لاءِ دهشتگرد کي ڀارتي هينڊلر هڪ لک 80 هزار رپيا ڏنا. ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻُڌايو ته 22 نومبر تي سکويندر بم حاصل ڪرڻ لاءِ مجيد کي هيڊ مراله ويجهو جاءِ جي نشاندهي ڪئي، دهشتگرد ان جاءِ وٽان تباهه ٿيل ڊرون ۽ آءِ اي ڊي حاصل ڪئي، 30 نومبر تي عبدالمجيد جلالپور جٽان ۾ آءِ اي ڊي فوجي گاڏيءَ تي لڳايو جنهن ۾ 4 جوان زخمي ٿيا. دهشتگرد ٽاسڪ مڪمل ٿيڻ تي 6 لک 56 هزار رپيا حاصل ڪيا. ڊي جي آءِ ايس پي آر ٻُڌايو ته ميجر سکويندر 18 مارچ تي ڪوٽلي ويجهو آءِ اي ڊي جي لوڪيشن فراهم ڪئي، 19 مارچ تي ڪوٽلي ويجهو هڪ شڪي اسڪولي ٻار جي ٿيلهي جي نشاندهي ڪئي، آرمي يونٽ ڪوٽلي ويجهو شڪي ٿيلهي مان بم هٿ ڪيو. ڪوٽلي ۾ بم جي برآمدگيءَ تي ڀارتي ميڊيا والاريل ڪشمير ۾ 5 بم هٿ هجڻ جي ڪوڙي پروپيگنڊا ڪئي. 22 اپريل 2025ع تي سکويندر نداله ويجهو آءِ اي ڊي جي ڊليوري ڪئي، 23 اپريل تي سکويندر دهشتگرد کي بس اسٽينڊ تي حملي جو ٽاسڪ ڏنو. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت پاڪستان ۾ شهرين ۽ فوج تي حملن لاءِ دهشتگردن کي بارود به فراهم ڪري رهيو آهي، اهي آءِ اي ڊيز ڊرون ذريعي موڪليون وينديون آهن، هي ڀارتي دهشتگرديءَ جو صرف هڪ ثبوت آهي.