اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان دنيا ۾ ڊيري مصنوعات ٺاهيندڙ سرفهرست ملڪن ۾ شامل آهي، ڊيري مصنوعات جي ويليو ايڊيشن ۾ سيڙپڪاري جي آجيان ڪنداسين. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هن اهڙن خيالن جو اظهار گلوبل چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر رائل فرائزلينڊ ڪمپينا ۽ اينگرو پاڪستان جون ڊيرڪ وين ڪارنيبيڪ جي قيادت ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان دنيا ۾ ڊيري مصنوعات ٺاهيندڙ سرفهرست ملڪن مان هڪ آهي، ڊيري مصنوعات جي ويليو ايڊيشن ۾ سيڙپڪاري جي آجيان ڪنداسين، پاڪستان ڊيري جي شعبي جي ترقي جي لاءِ فرائزلينڊ ڪمپينا جهڙين ڪمپنين سان تعاون ڪندو، ڊيري مصنوعات جي روانگي واپار کي وڌائڻ جي لاءِ ڊيري مصنوعات جي حفاظت ۽ غذائيت کي وڌائڻ جي حوالي سان قدمن جي حوصلا افزائي ڪنداسين. وزيراعظم چيو ته ڊيري انڊسٽري جي پائيدار ترقي ۽ آبادگارن جي روزگار کي بهتر بڻائڻ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، فرائزلينڊ ڪمپينا اينگرو پاڪستان ڊيري ريگيوليشنز کي عالمي بهترين طريقن سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ فني مدد ۾ سهڪار ڪري سگهي ٿو، ڊيري مصنوعات جي حفاظت ۽ صارفين جي اعتماد کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ پنجاب ۽ سنڌ ۾ پائليٽ ڊيري سپلاءِ چين ٽريس ايبلٽي سسٽم تيار ڪرڻ ۾ فرائزلينڊ جي مدد کي ساراهيون ٿا. فرائزلينڊ ڪمپينا جي وفد پاڪستان جي لائيو اسٽاڪ ۽ ڊيري جي شعبي ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. ملاقات ۾ قومي غذائي تحفظ وارو وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، وزيراعظم جو خاص معاون هارون اختر ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ موجود هئا.