اسلام آباد – 29 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته قومي سالميت جي معاملي تي پوري قوم متحد آهي، ملڪ کي درپيش تازي چئلينجز جي ڏس ۾ سمورين سياسي پارٽين، ادارن ۽ عوام يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو آهي، سينيٽ پاران متفقه قرارداد جو منظور ٿيڻ ان ڳالهه جو واضح ثبوت آهي ته پاڪستان جي سالميت تي ڪو ٺاهه نٿو ڪري سگهجي، سمورن سينيٽ ميمبرن کي مبارڪباد ڏيان ٿو ته انهن متحد ٿي هڪ مضبوط پيغام ڏنو آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ هن چيو ته فيڊريشن جي نمائندگي ڪندي سينيٽ آف پاڪستان هڪ واضح ۽ متفقه قرارداد جي ذريعي دنيا کي باور ڪرايو آهي ته قومي سالميت جي معاملي تي قوم متحد آهي. اسحاق ڊار ٻڌايو ته حڪومت ۽ اپوزيشن جي سمورن ميمبرن افهام تفهيم جي ذريعي قرارداد جو مسودو تيار ڪيو، جيڪو متفقه طور تي منظور ڪيو ويو. سندس چوڻ هو ته جتي ملڪي سالميت جو مسئلو آهي، اتي ڪنهن به قسم جو فرق نه آهي ۽ سينيٽ يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو آهي. پرڏيهي وزير عالمي سطح تي ڪيل سفارتي ڪوششن جو پڻ ذڪر ڪندي چيو ته اسان سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، قطر، چين، آذربائيجان، بحرين ۽ هنگري جي پرڏيهي وزيرن کي صورتحال کان آگاهه ڪيو آهي. هن چيو ته قطر جي وزيراعظم سان به ان سلسلي ۾ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. پاڪستان جو ان واقعي سان ڪو تعلق نه آهي، الحمدالله اسان تي ڪو الزام ثابت نه ٿي سگهيو. هن چيو ته انهن ملڪن سان جيڪي رابطا ٿيا، انهن سان اسان جا لاڳاپا تمام خوشگوار آهن. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي ۾ سول ۽ ملٽري قيادت يڪجهتي جو پروگرام ڏنو ۽ سينيٽ متفقه قرارداد جي ذريعي دنيا کي پيغام ڏنو ته پوري قوم متحد آهي. هن مُخالف ڌر اڳواڻ سميت سمورن سينيٽ ميمبرن جا ٿورا مڃيندي چيو ته قومي سلامتي جهڙن حساس معاملي تي سموريون سياسي وابستگيون پٺتي وجهي هڪ مضبوط، گڏيل موقف سامهون آيو. اسحاق ڊار چيو ته اسان سعودي عرب، گڏيل عرب امارات، قطر، چين، ترڪيه ۽ هنگري جي پرڏيهي وزيرن سان رابطو ڪري صورتحال جي تفصيلي وضاحت ڪئي. انهن کي ذاتي طور تي بريف ڪيو ويو ته اصل حقيقتون ڇا آهن ۽ پاڪستان جا خدشا ڪهڙا آهن. پرڏيهي وزير ٻڌايو ته ڪيترن ئي ملڪن پاران پاڻ به انهن سان رابطو ڪيو ويو، جيڪي ان معاملي تي پاڪستان سان ڳالهه ڪرڻ چاهيندا هئا. هن وڌيڪ چيو ته پرڏيهي وزير پنهنجي سرڪاري ٽوئيٽر اڪائونٽ جي ذريعي ميڊيا ۽ عوام کي مسلسل آگاهه ڪري رهي آهي ۽ شفاف اطلاع پهچائي پئي وڃي. اسحاق ڊار خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته چين ۽ ترڪيه ان معاملي تي پاڪستان جي موقف جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي ۽ واضح اسٽينڊ ورتو آهي، جيڪو پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جي ڪاميابي جو ثبوت آهي. هن چيو ته چيني پرڏيهي وزير بلڪل واضح ڪيو ته اسان پاڪستان سان گڏ آهيون ۽ چيني پرڏيهي وزارت گذريل ڏينهن ان حوالي سان باقاعده پڌرائي پڻ جاري ڪئي. هن وڌيڪ چيو ته ترڪ پرڏيهي وزير پڻ ذاتي طور تي يقين ڏياريو ته ترڪيه پاڪستان سان گڏ بيٺل آهي. اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته هاڻي اهڙي پاليسي نه هلندي پر واضح جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته آءِ ايس پي آر اڄ ثبوتن سان گڏ انڊين دهشتگردي جي خلاف پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ پهلگام واقعي جي حوالي سان ٺوس ثبوت قوم آڏو رکيا. هن انڪشاف ڪيو ته پهلگام واقعي کانپوءِ 24 اپريل تي ڀارت مان هڪ خط مليو، جنهن ۾ سنڌ طاس معاهدي بابت چيو ويو ته حالتون بدلجي چڪيون آهن. اسحاق ڊار چيو ته پلواما جو ڊرامو هجي يا پهلگام جو، ڀارت اڄ تائين ثبوت پيش نه ڪري سگهيو ۽ هاڻي به صورتحال شڪي آهي. پرڏيهي وزير خبردار ڪيو ته اسان کي انديشو آهي ته اها جنگ اڃا جاري رهندي ۽ جيڪڏهن ڀارت اسان جي پاڻي سان ڪنهن به قسم جي ڇيڙڇاڙ ڪئي، ته اها جنگ هوندي. هن واضح اعلان ڪيو ته پاڻي اسان جي جيون جي ڏورِي آهي، ان تي اسان ڪنهن به صورت ۾ پٺتي نه هٽنداسين.