جنيوا/اسلام آباد-30 اپريل (اي پي پي)ماحولياتي تبديليءَ واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ جنيوا ۾ باسل، روٽر ڊيم ۽ اسٽاڪ هوم ڪنوينشنز جي ڪانفرنس آف پارٽيز جي موقعي تي رٿيل گڏيل قومن جي ڪيپيٽيل ڊولپمينٽ فنڊ جي انتظام هيٺ اعليٰ سطحي مشاورتي اجلاس جنهن جو عنوان وڏن خطرن ۽ نظرانداز ٿيل مارڪيٽن ۾ ترقيءَ لاءِ سرمائي کي متحرڪ ڪرڻ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. وزارت طرفان جاري بيان موجب اجلاس کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر مصدق ملڪ اُسريل ملڪن ۽ موسمياتي خطرن ۾ گهيريل ملڪن لاءِ اثرائتي ۽ آسان مالي معاونت جي فوري ضرورت تي زور ڀريو. هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي لحاظ کان پائيدار ترقي، سبز معيشت ۽ قدرتي وسيلن تي ٻَڌل حل کي ترجيح ڏئي رهيو آهي. پاڪستان جو عالمي گرين هائوس گيسن جي نيڪال ۾ حصو هڪ سيڪڙي کان به گهٽ آهي، پر هي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ موسمياتي تبديليءَ سبب متاثر ملڪن ۾ شامل آهي. اهڙن ملڪن لاءِ ماحولياتي مالي وسيلن کي ڪتب آڻڻ انتهائي ضروري آهي ته جيئن اسان پيرس معاهدي جا هدف حاصل ڪري سگهون ۽ ڪمزور آبادين جو تحفظ ڪري سگهجي. ڊاڪٽر مصدق ملڪ عالمي مالياتي ادارن ۽ ترقياتي ڀائيوارن کي اپيل ڪئي ته هو ماحولياتي مالي معاونت تائين پهچ کي آسان بنائين. ماحولياتي هڪجهڙائي جي ٽيڪنالاجيز ۾ سيڙپڪاري ڪن ۽ اُسرندڙ ملڪن ۾ سگهه ۾ اضافي جي منصوبن جي حمايت ڪن. هن پاڪستان جي نيشنل ڊٽرمينٽڊ ڪنٽريبيوشنز تحت مقرر ڪيل هدفن جن ۾ تجديد جوڳي توانائيءَ کي هٿي وٺرائڻ، وڻڪاري ۽ پائيدار پاڻي وسيلن جي انتظام جي مڪمل وابستگي جو ورجاءُ ڪيو. اهو اجلاس گڏيل قومن جي ادارن، ترقياتي مالياتي ادارن ۽ موسمياتي لحاظ کان متاثر ملڪن جي وزيرن جي موجودگيءَ ۾ منعقد ٿيو جنهن جو مقصد پائيدار ترقيءَ لاءِ عوامي ۽ نجي شعبن سان مالي وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ جي عملي فريم ورڪ جي جوڙجڪ آهي.