ڪراچي-30 اپريل (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان سنجيده ڍانچه جاتي سڌارن تي عمل ٿيو ته پاڪستان جو آءِ ايم ايف سان هي آخري پروگرام هوندو. ڪراچيءَ ۾ ايف پي سي سي آءِ ۽ بجيٽ سيمينار کي خطاب ڪندي هن چيو ته ملڪ ۾ معاشي استحڪام اچي چڪو آهي ۽ هاڻ وقت آهي ته ان استحڪام کي وڌيڪ مؤثر بنايو وڃي. هن چيو ته پاڪستان ۾ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جا ذخيرا مستحڪم ٿي چڪا آهن، ڪرنٽ اڪائونٽ جي کاتن ۾ واڌ موجود آهي ۽ مهانگائيءَ جي شرح ۾ به نمايان گهٽتائي آئي آهي. ان مطابق پاليسي ريٽ ۾ هڪ هزار بيسز پوائنٽس جي گهٽتائي ٿي آهي جيڪا صنعتن جي فنانسنگ لاڳت ۾ گهٽتائيءَ جو سبب بڻجي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي معيشت کي مستحڪم ۽ پاڻڀرو بنائڻ لاءِ ٽيڪس رويينو ۾ اضافو ضروري آهي. سندس چوڻ هو ته 24 ڪروڙ جي آباديءَ لاءِ صرف 30 کان 40 لک ٽيڪس ڏيندڙ ڪافي ناهن، هر شعبي کي معيشت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته حڪومت ٽيڪس اٿارٽيءَ ۾ سڌارا آڻي رهي آهي جتي انساني مداخلت کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ لاءِ ڊجيٽل نظام متعارف ڪرايو پيو وڃي ته جيئن ٽيڪس ڏيندڙن کي تڪليف کان بچائي سگهجي. سندس چوڻ هو ته پگهاردار طبقي لاءِ ٽيڪس ريٽرن فارم کي آسان بنايو پيو وڃي جنهن کي 9 کان 10 خانن تي مشتمل ڪيو ويندو. هن چيو ته ڪابينه جنوريءَ ۾ منظور ڪيو هو ته ٽيڪس پاليسي آفيس کي ايف بي آر کان ڌار ڪري سڌيءَ ريت ناڻي واري وزارت جي ماتحت ڪيو ويندو. ايف بي آر صرف ٽيڪس اوڳاڙين تي فوڪس ڪندو، جڏهن ته پاليسي سازي ٽيڪس پاليسي آفيس جي ذميواري هوندي، انهن قدمن جو مقصد پاليسين ۾ تسلسل ۽ شفافيت کي يقيني بنائڻ آهي. هن چيو ته حڪومت 24 سرڪاري ادارن جي نجڪاريءَ جو فيصلو ڪيو آهي ۽ـ ان عمل کي تيز ڪيو پيو وڃي. هن پي آءِ اي جي نجڪاري جي عمل جي ٻيهر شروعات ٿيڻ جي تصديق ڪئي ۽ ٻُڌايو ته ڪجهه وزارتن کي ضم يا ختم ڪيو ويندو ته جيئن حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي اچي. هن چيو ته معدنيات ۽ آءِ ٽي ٻه اهڙا شعبا آهن جيڪي پاڪستان جي معيشت لاءِ گيم چينجر ثابت ٿي سگهن ٿا. ريڪوڊڪ منصوبي جو فنانشل ڪلوز مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ دنيا ۾ ٽامي جي وڌندڙ طلب ۾ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهي. هن چيو ته حڪومت ان ڀيري جنوري جي پڄاڻيءَ تي ئي چيمبرز ۽ ڪاروباري برادريءَ کان بجيٽ تجويزون طلب ڪيون هيون ۽ ان تي آزاد تجزيي ڪارن جي مدد سان تفصيلن سان غور ڪيو ويو. هن خاطري ڪرائي ته انهن تجويزن کي نظرانداز نه ڪيو ويندو. هن چيو ته آءِ ٽي روانگي واپار کي 8 کان 10 ارب ڊالرن تائين پهچائڻ جو هدف آهي، جڏهن ته گاڏين ۽ کير جي روانگي واپار جو عمل به شروع ٿي چڪو آهي، اڄ ئي گاڏين جي هڪ کيپ سعودي عرب موڪلي وئي آهي. هن چيو ته آءِ ايم ايف جو هي پروگرام پاڪستان جو آخري پروگرام ٿي سگهي ٿو، پر ان لاءِ ضروري آهي ته ڍانچه جاتي سڌارن، ٽيڪس سڌارن، اداره جاتي تبديليون ۽ نجڪاري جهڙن قدمن تي سنجيدگيءَ سان عمل ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته حڪومت ڪاروبار دوست پاليسين ذريعي معيشت جي انجڻ بنائڻ چاهي ٿي. ڪاروباري برادريءَ کي خطاب ڪندي هن چيو ته آمريڪا کان ڪالهه ئي پاڪستان پهتو آهيان، هڪ هفتي ۾ 70 کان وڌيڪ ملاقاتون ڪيون ويون. ملٽي لٽرل پارٽنرز عالمي مالياتي اداري جي نمائندن کان علاوه دوست ملڪن جي نمائندن سان به ملاقاتون ٿيون. آمريڪا جي سينيئر انتظامي عهديدارن سان ملاقاتون پڻ ٿيون، چين، برطانيه، سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارتن جي نمائندن سان به ملاقاتون ٿيون. سندس چوڻ هو ته معاشي استحڪام جو مثال نٿو ملي. پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن ۾ استحڪام آيو آهي، ڪيتري ئي وقت کانپوءِ ڪرنٽ اڪائونٽ کاتا سڄي سال جي واڌ هوندا. فسڪل سائيڊ تي به توازن اچي چڪو آهي، فسڪل سرپلس ۾ پڻ صوبن ڪردار ادا ڪيو. ناڻي واري وزير چيو ته ناڻي واڌ ۾ به گهٽتائي ڪاميابيءَ جي ڪهاڻي آهي، پاليسي ريٽ ۾ هڪ هزار بيسز پوائنٽس گهٽتائي اچي چڪي، آمريڪا ۾ ٿيل ملاقاتن ۾ معاشي استحڪام تي ڳالهيون ٿيون جنهن ۾ هر ڪنهن اسان جي ڪارڪردگيءَ کي ساراهيو. هن چيو ته 8-9 سالن ۾ معيشت کي واڌ ۽ لاٿ درپيش رهي، ڪو سبب آهي ته آءِ ايم ايف جي 28 پروگرام ۾ آهيون، سيڙپڪاري ۽ روانگي واپار تي توجهه نه رهي، اسان آمدني واپار ۽ کپت تي ٻَڌل اؤسر طرف وڃون ٿا، پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي جي ذخيرن تي دٻاءُ پوندو آهي ۽ پوءِ قرض طرف وڃڻو پوندو آهي. وزيراعظم سميت اسان سڀني جو اهو عزم آهي ته هي آءِ ايم ايف جو آخري پروگرام هوندو. هن چيو ته ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جو تناسب ان سال 10.6 سيڪڙو ۽ پوءِ 13 سيڪڙو تي آندو ويندو. ٽيڪس اٿارٽيز کي ٽرانسفارم ڪري رهيا آهيون، ٽيڪس ڏيندڙ اٿارٽيز سان ڊيل نٿا ڪرڻ چاهين، ڇاڪاڻ ته اسان جي ملڪ جي آباديءَ جو ڪاٿو وڌيڪ آهي. سندس چوڻ هو ته ٽيڪس ڏيندڙن جو ٽيڪس اٿارٽيز تي اعتماد وڌائڻ ۽ پراسز کي آسان بنائڻو پوندو. اينڊ ٽو اينڊ ڊجيٽلائزيشن جي ڪوشش آهي، انساني مداخلت کي گهٽ کان گهٽ ڪرڻ چاهيون ٿا، ڊيٽا ذريعي ٽيڪس بيس کي وڌائڻ چاهيون ٿا، ٽيڪس ڏيندڙن سان ڊيٽا جي بنياد تي ڳالهيون ڪرڻ چاهيون ٿا. هن چيو ته ٽيڪس نظام کي آسان بنايو پيو وڃي، ڇوٽ واري جي ڊي پي جو تصور ئي نٿو ٿي سگهي، جنهن شعبي جو به معيشت ۾ حصو آهي، ان کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻو پوندو. جي ڊي پي جي هر شعبي کي ٽيڪس ڏيڻو پوندو. سندس چوڻ هو ته پگهاردار طبقي لاءِ ٽيڪس کي آسان بنايو ويندو، 70-80 سيڪڙو پگهاردار ٽيڪس ايٽ سروس ڪٽيو ويندو آهي، ان جي باوجود ان کي ٽيڪس فارم ڀرڻو پوندو آهي ۽ ٽيڪس وڪيلن سان رجوع ڪندا آهن، پگهاردار طبقي لاءِ ڪوشش آهي ته 9-10 فيلڊز تي ٻَڌل فارم آسانيءَ سان ڀرين، پگهاردار گهر ويٺي پنهنجي ريٽرنز ڀري سگهن ٿا، توانائي ٽيرف ۾ گهٽتائي سٺو قدم آهي، جولاءِ ۾ وڌيڪ گهٽتائي ٿيندي. هن چيو ته فنانسنگ جي لاڳت انڊسٽريءَ جو مسئلو رهيو، وياج جي شرح ۾ گهٽتائيءَ سان اهو مسئلو گهٽ ٿيو آهي، توانائيءَ کي سستو ڪرڻ لاءِ صحيح رُخ ۾ گامزن آهيون. انڊسٽريءَ جا مسئلا حل ڪنداسين. هن ڀيري بجيٽ تجويزون جنوريءَ جي پڄاڻيءَ تي ئي ايسوسيئيشن چيمبرز کان طلب ڪيون ويون هيون.