اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو آهي ته هٿياربند فوج پاڪستان جي سلامتي، خودمختياري جو هر قيمت تي دفاع ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، دهشتگردي جي واقعن کي سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪرڻ ڀارت جو شيوو آهي، ڀارت 50 سالن کان انهي راهه تي هلي رهيو آهي، پاڪستان تي الزام هڻو، ڪريڊٽ ۽ اليڪشن کٽيو، اهو ئي انهن جو مقصد آهي، پهلگام واقعي تي استعمال ٿيندڙ سوشل ميڊيا اڪائونٽس جعفر ايڪسپريس حملي ۾ پڻ استعمال ٿيا، الزام بازي بدران ڀارتي حڪومت کي سوالن جا جواب ڏيڻا پوندا، دهشتگردن جو ڪو مذهب ناهي هوندو. هو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ پرڏيهي آفيس جي ترجمان شفقت علي خان سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته اسان ان واقعي جي حقيقتن تي وينداسين الزامن تي نه. پهلگام واقعي واري جڳهه ايل او سي کان 30 ڪلوميٽر پري آهي، اهو ڪيئن ممڪن آهي ته 10 منٽن جي اندر ايتري ڏکئي رستي تان ڪير پهچي وڃي، ڀارتي بيانيو اهو آهي ته اهو دهشتگردي جو واقعو آهي، چيو پيو وڃي ته مسلمانن فائرنگ ڪئي، چيو پيو وڃي ته هندوئن تي فائرنگ ڪئي وئي، ڀارت پاران اهو بيانيو ڇو هلايو پيو وڃي؟ وزيراعظم به ڀارتي بيانيي تي سوال اٿاريو آهي، اسان جو موقف واضح آهي ته دهشتگرد جو ڪو مذهب ناهي هوندو. هن چيو ته ڀارتي ميڊيا پاران چيو پيو وڃي ته پاڪستاني ايجنسين اهو واقعو ڪرايو، ڀارتي الزام واقعي جي ڪجهه منٽن کانپوءِ سامهون اچڻ شروع ٿي ويا، زپ لائين آپريٽر جي وڊيو کي بنياد بڻائي ڪوڙو بيانيو ٺاهيو ويو، ڀارتي ميڊيا واقعي جي فوري پوءِ پاڪستان جي خلاف الزام بازي شروع ڪئي، جعفر ايڪسپريس واقعي تي به ڀارت جي انهي ڪائونٽ تان اڳ ۾ بيان آيو، ان اڪائونٽ تان اڳ ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪجهه ڪلاڪن ۾ حملو ٿيندو، ٻڌايو وڃي ٿو ته حملو ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿيندو، پوءِ جڏهن حملو ٿئي ٿو ته اهو ئي ڀارتي مخصوص اڪائونٽ حملي جو ٻڌائي ٿو، ڀارتي ميڊيا انهي اڪائونٽ کي کڻي وڌائي چڙهائي پيش ڪري ٿي، هي اهي سوال آهن جنهن تي اسان غور ڪري رهيا آهيون ۽ دنيا غور ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڀارت جي جيلن ۾ سوين پاڪستاني غيرقانوني قيد آهن، ڀارت انهن قيد پاڪستانين کي جعلي مقابلن ۾ استعمال ڪري رهيو آهي، اوڙي ۾ محمد فاروق کي جعلي مقابلي ۾ شهيد ڪيو ويو، ڀارتي فوج ان کي دهشتگرد چيو، حقيقت ۾ اهي معصوم شهري هئا، ڀارت بيگناهه ماڻهن کي دهشتگرد جو الزام هڻي ماري رهيو آهي، ڀارت پاڻ هڪ دهشتگرد رياست آهي، پاڪستاني ۽ ڪشميري شهرين کي ڀارت جي جيلن ۾ رکيو ويو آهي، ڀارت انهن قيدين تي تشدد ڪري ٿو ۽ انهن جا بيان ڏياري ٿو. ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته پهلگام واقعي جي فوري پوءِ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۽ نقطن سوال پيدا ڪري ڇڏيا، واقعي واري جڳهه کان پوليس اسٽيشن پهچڻ جي لاءِ گهٽ ۾ 30 منٽ جو سفر آهي، 10 منٽ ۾ ڪيئن ممڪن آهي ته ڪا ايف آءِ آر داخل ڪرائي وڃي، 10 منٽ ۾ داخل ايف آءِ آر ۾ هينڊلر جهڙا لفظ استعمال ڪيا ويا. هن چيو ته الزام هنيو ويو ته ماڻهن کي سڃاڻپ ڪري ماريوويو، ايتري گهٽ وقت ۾ ماڻهن جي سڃاڻپ ڪيئن ممڪن آهي؟ وزيراعظم به ڀارتي بيانيي تي سوال اٿاريو آهي، والاريل ڪشمير جي عوام به ڀارتي الزام بازي جو ڀانڊو ڦوڙي ڇڏيو. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جون ڪاميابيون سبوتاز ڪرڻ چاهي ٿو، ڀارتي جيلن ۾ قيد پاڪستانين کي دهشتگرد قرار ڏئي جعلي مقابلن ۾ نشانو بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته پلواما واقعي کي به سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪيو ويو هو، ڀارتي شهري چئي رهيا آهن ته پهلگام واقعو سيڪيورٽي ناڪامي آهي. پاڪستان ڪيترائي ڀيرا دنيا آڏو ثبوت رکيا آهن ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوث آهي، بلوچستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جا ثبوت موجود آهن، ڀارت پاڻ هڪ دهشتگرد رياست آهي. هن چيو ته مستنند معلومات آهي ته ڀارت پهلگام واقعي کانپوءِ پنهنجا ڪارندا پاڪستان ۾ دهشتگردي جي لاءِ متحرڪ ڪري ڇڏيا آهن، پاڪ فوج ۽ ڳجهي ايجنسين جي سموري صورتحال تي پوري طرح سان نظر آهي.