اسلام آباد – 30 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته دهشتگردي جي خاتمي جي لاءِ پاڪستان عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪيو آهي، دهشتگردي سبب پاڪستان جيترو نقصان کنيو آهي ايترو ڪنهن جو به ناهي ٿيو، پهلگام واقعي کانپوءِ ڀارت جي غيرذميواراڻي ۽ جارحاڻي رويي ۽ قدمن سان پورو خطو عدم استحڪام جو شڪار ٿيو، ڪنهن به جارحاڻي قدمن جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو، پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو، معصوم شهرين کي نشانو بڻائڻ جي ڪا به ڪارروائي قابل قبول نه آهي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار ڊائريڪٽر جنرل انٽر سروسز پبلڪ ريليشنز (آءِ ايس پي آر) ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. پاڪستان ڀارت کي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ان ڪا مهم جوئي ڪئي ته ان جو سخت جواب ڏنو ويندو، ڪنهن به جارحيت جي صورت ۾ ملڪ جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو دفاع ڪيو ويندو. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ڀارتي قيادت پنهنجي ناڪامين تان ڌيان هٽائڻ جي لاءِ مختلف حربا استعمال ڪري ٿي، پورو خطو ڀارت جي غيرذميواراڻي قدمن جي ڪري خطري ۾ آهي. هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ تحريڪ آزادي کي دهشتگردي سان ڳنڍڻ چاهي ٿو، گڏيل قومن جي قراردادن ۾ ڪشمير کي تڪراري علائقو تسليم ڪيو ويو آهي. نائب وزيراعطم چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير جي عوام جي حقن کي چيڀاٽڻ جي لاءِ ڪاري قانونن جو سهارو ورتو. هن چيو ته دهشتگردي سبب پاڪستان وڏو جاني ۽ مالي نقصان کنيو آهي، پاڪستاني قوم ۽ ادارن دهشتگردي جو بهادري سان مقابلو ڪيو آهي. نائب وزيراعظم چيو ته ڪنهن به ٻئي ملڪ دهشتگردي جي ڪري پاڪستان جيتريون قربانيون ناهن ڏنيون ۽ نه ئي ايترو نقصان کنيو آهي. 80 هزار کان وڌيڪ جانين جي زيان ۽ 150 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي معاشي نقصانن جو ذڪر ڪندي سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته مجموعي طور تي پاڪستان کي 500 ارب ڊالر جو نقصان ٿيو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل خطري کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي برادري سان گڏجي ڪم ڪري رهيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ شهرين جي قربانين دهشتگردي جي خطري کي منهن ڏيڻ ۾ مدد ڪئي ۽ علائقائي ۽ عالمي امن ۽ استحڪام ۾ ڪردار ادا ڪيو. نائب وزيراعظم چيو ته هن پريس ڪانفرنس جو مقصد موجوده صورتحال کان آگاهه ڪرڻ آهي، مختلف ملڪن جي اڳواڻن سان خطي جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. سينيٽر اسحاق ڊار چيو ته ڀارت جي غيرذميواراڻي قدمن جي ڪري پورو خطو خطري ۾ آهي، ڀارت خطي ۾ ڄاڻي واڻي حالتن کي ڇڪتاڻ وارو بڻائي رهيو آهي، ڀارتي قدم جارحيت تي ٻڌل آهن، اسان عالمي برادري سان ان خطري بابت رابطي ۾ آهيون. هن چيو ته ڏکڻ ايشيا ۾ عدم استحڪام ۽ تڪرار جو بنيادي سبب پراڻي تڪرار ڄمون ۽ ڪشمير جو حل طلب هجڻ آهي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته هڪ ذميوار ملڪ هجڻ جي حيثيت سان پاڪستان تحمل تي يقين رکي ٿو ۽ هو علائقائي امن تي ڪاربند آهي جڏهن ته هو ڪنهن جارحيت جي صورت ۾ ملڪ جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو ڀرپور دفاع ڪندو. هن چيو ته پاڪستان سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ دهشتگردي جي واقعن جي پٺيان ڀارت جو هٿ آهي، پاڪستان پاڻ دهشتگردي جو شڪار آهي، ڀارت پاڪستان سميت ٻين ملڪن ۾ دهشتگردي جو اسپانسر آهي. هن چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ تحريڪ آزادي کي دهشتگردي سان ڳنڍڻ چاهي ٿو، ڀارت مخصوص مقصدن جي لاءِ پاڪستان تي الزام بازي ڪري رهيو آهي. نائب وزيراعظم چيو ته ڀارت پاڪستان سميت مختلف ملڪن ۾ دهشتگردي ۾ ملوث آهي، دهشتگردي جي هر واقعي تي الزام بازي ڀارت جو شيوو آهي، ڀارتي حڪومت پاران ڪڌي سياسي مقصدن جي لاءِ اهڙن واقعن جو استعمال ٿئي ٿو. هن چيو ته پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي خلاف آهي، معصوم شهرين جو قتل مذمت جوڳو آهي، پهلگام واقعي ۾ انساني جانين جي زيان تي افسوس آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل به ان حملي جي مذمت ڪئي آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت ۾ ٿيندڙ ڪو به واقعو ڀارت جو پنهنجو ڊرامو هوندو آهي، ڀارت کي ٻين تي آڱريون کڻڻ بدران پنهنجي اندروني مسئلن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي، پهلگام واقعي کانپوءِ ڀارت غيرذميواراڻو رويو اختيار ڪيو. هن چيو ته ڀارت جي غيرقانوني قدمن ۽ بيانن صورتحال کي منُجهائي ڇڏيو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم پهلگام واقعي جي غيرجانبداراڻي ۽ شفاف جاچ ۾ تعاون جي آڇ ڪئي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته ڀارت هڪطرفي طور تي سنڌ طاس معاهدو معطل نٿو ڪري سگهي، سنڌ طاس معاهدي کي هڪطرفي معطل ڪرڻ جي ڪا شق موجود نه آهي، پاڪستان جي 24 ڪروڙ عوام جي لاءِ پاڻي لائيف لائين آهي، قومي سلامتي ڪائونسل پنهنجي اجلاس کانپوءِ واضح پيغام ڏنو آهي ته ڀارت پاران پاڻي روڪڻ جو قدم جنگ تصور ڪيو ويندو، ڀارتي قدم سان پورو خطو عدم استحڪام جو شڪار ٿي ويو آهي. هن چيو ته ڀارت جي ڪنهن به قدم جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته ڀارت ۾ اهڙا واقعا ان وقت ٿين ٿا جڏهن ڪا اهم شخصيت اتان جو دورو ڪري ٿي. هن سوال ڪيو ته ڀارت ٻڌائي ڪنهن به اهم شخصيت جي دوري تي ئي اهڙا واقعا ڇو ٿين ٿا، پهلگام واقعي تي ڀارت فوري طور تي پاڪستان تي الزام هڻي ڇڏيو، پاڪستان جو پهلگام واقعي سان ڪو تعلق نه آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اهو سوال به اٿاريو ته ڀارت اهڙي صورتحال ڇو پيدا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي جي واقعن جو منصوباساز، سرپرست ۽ اسپانسر آهي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته اسان واضح ڪريون ٿا ته پاڪستان ڀارت سان ڇڪتاڻ وڌائڻ ۾ اڳرائي نه ڪندو، جيڪڏهن ڀارت ڪا ڪارروائي ڪئي ته ان جو ڀرپور جواب ڏينداسين، اسان جي فوج الرٽ آهي ۽ اسان چوڪس آهيون. نائب وزيراعظم چيو ته غور ڪرڻو پوندو ته ڀارت اها مهم جوئي ڇو ڪئي ۽ ان جا مقصد ڪهڙا آهن، پاڪستان جي اعليٰ سلامتي جي اداري پهلگام واقعي جي مذمت ڪئي آهي، ڀارت جو اهو بيانيو ته اسان مذمت نه ڪئي بلڪل غلط آهي. هن چيو ته ڀارت سلامتي ڪائونسل جي بيان ۾ پهلگام جو نالو شامل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اسان سلامتي ڪائونسل جي بيان ۾ پهلگام جي نالي بدران ڪشمير جو نالو شامل ڪرايو. هن چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن ۽ ڪشميرين جي خلاف ڪڌي مهم جاري آهي، ڀارت خطي ۾ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي هوائي ڏئي رهيو آهي. نائب وزيراعظم چيو ته عالمي اڳواڻ تازن ڏينهن ۾ تحمل کان ڪم وٺڻ جي درخواست ڪري رهيا آهن، مون حڪومت ۽ قوم پاران اهو واضح ڪري ڇڏيو ته پاڪستان ڪنهن به طرح جو قدم کڻڻ ۾ اڳرائي نه ڪندو. هن چيو ته اسان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي اعلان موجب غيرجانبداراڻي جاچ ڪندڙن کان آزاد ۽ شفاف جاچ جو مطالبو ڪريون ٿا، ان سلسلي ۾ ڪي به ٽي او آرز اعتماد جوڳا ۽ گڏيل اتفاق سان هجڻ گهرجن. هن چيو ته هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن معيشت مستحڪم ٿي رهي آهي ۽ اسان دهشتگردي جي خلاف نمايان اڳڀرائي ڪري رهيا آهيون، اسان کي اهو سوال ڪرڻ جي ضرورت آهي ته اها صورتحال ڀارت پاران اوچتو ڇو پيدا ٿي رهي آهي ۽ ان جي پٺيان ڪهڙا محرڪات آهن. نائب وزيراعطم چيو ته ڀارت پاران سنڌ طاس معاهدي کي روڪڻ هڪطرفو ۽ غيرقانوني آهي ڇو ته ان معاهدي ۾ اهڙيون ڪي به شقون نه آهن، اختلاف راءِ يا مسئلن جي صورت ۾ معاهدي ۾ اهڙا فورمز فراهم ڪيا ويا آهن جن جو استعمال ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته پاڪستان هڪ زرعي معيشت آهي، ان معاهدي تحت ڪروڙين ماڻهن جو دارومدار پاڻي تي آهي، اسان ان معاهدي ۾ ٽي درياءَ ڇڏيا آهن ۽ دنيا ۾ پاڻي جي ورڇ جو ڪو اهڙو معاهدو نه آهي جنهن تحت پاڻي جي ورڇ کي منهن ڏيڻ جي لاءِ دريائن کي به ڇڏيو ويو هجي. سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته سنڌ طاس معاهدي موجب پاڪستان جي پاڻي جي وهڪري کي روڪڻ يا ان جو رخ موڙڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي جنگ جو عمل تصور ڪيو ويندو. جڏهن ته ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته اسان ان واقعي جي حقيقتن تي وينداسين الزامن تي نه. پهلگام واقعي واري جڳهه ايل او سي کان 30 ڪلوميٽر پري آهي، اهو ڪيئن ممڪن آهي ته 10 منٽن جي اندر ايتري ڏکئي رستي تان ڪير پهچي وڃي، ڀارتي بيانيو اهو آهي ته اهو دهشتگردي جو واقعو آهي، چيو پيو وڃي ته مسلمانن فائرنگ ڪئي، چيو پيو وڃي ته هندوئن تي فائرنگ ڪئي وئي، ڀارت پاران اهو بيانيو ڇو هلايو پيو وڃي؟ وزيراعظم به ڀارتي بيانيي تي سوال اٿاريو آهي، اسان جو موقف واضح آهي ته دهشتگرد جو ڪو مذهب ناهي هوندو. هن چيو ته ڀارتي ميڊيا پاران چيو پيو وڃي ته پاڪستاني ايجنسين اهو واقعو ڪرايو، ڀارتي الزام واقعي جي ڪجهه منٽن کانپوءِ سامهون اچڻ شروع ٿي ويا، زپ لائين آپريٽر جي وڊيو کي بنياد بڻائي ڪوڙو بيانيو ٺاهيو ويو، ڀارتي ميڊيا واقعي جي فوري پوءِ پاڪستان جي خلاف الزام بازي شروع ڪئي، جعفر ايڪسپريس واقعي تي به ڀارت جي انهي ڪائونٽ تان اڳ ۾ بيان آيو، ان اڪائونٽ تان اڳ ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪجهه ڪلاڪن ۾ حملو ٿيندو، ٻڌايو وڃي ٿو ته حملو ڪڏهن ۽ ڪٿي ٿيندو، پوءِ جڏهن حملو ٿئي ٿو ته اهو ئي ڀارتي مخصوص اڪائونٽ حملي جو ٻڌائي ٿو، ڀارتي ميڊيا انهي اڪائونٽ کي کڻي وڌائي چڙهائي پيش ڪري ٿي، هي اهي سوال آهن جنهن تي اسان غور ڪري رهيا آهيون ۽ دنيا غور ڪري رهي آهي. هن چيو ته ڀارت جي جيلن ۾ سوين پاڪستاني غيرقانوني قيد آهن، ڀارت انهن قيد پاڪستانين کي جعلي مقابلن ۾ استعمال ڪري رهيو آهي، اوڙي ۾ محمد فاروق کي جعلي مقابلي ۾ شهيد ڪيو ويو، ڀارتي فوج ان کي دهشتگرد چيو، حقيقت ۾ اهي معصوم شهري هئا، ڀارت بيگناهه ماڻهن کي دهشتگرد جو الزام هڻي ماري رهيو آهي، ڀارت پاڻ هڪ دهشتگرد رياست آهي، پاڪستاني ۽ ڪشميري شهرين کي ڀارت جي جيلن ۾ رکيو ويو آهي، ڀارت انهن قيدين تي تشدد ڪري ٿو ۽ انهن جا بيان ڏياري ٿو. ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته پهلگام واقعي جي فوري پوءِ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ ۽ نقطن سوال پيدا ڪري ڇڏيا، واقعي واري جڳهه کان پوليس اسٽيشن پهچڻ جي لاءِ گهٽ ۾ 30 منٽ جو سفر آهي، 10 منٽ ۾ ڪيئن ممڪن آهي ته ڪا ايف آءِ آر داخل ڪرائي وڃي، 10 منٽ ۾ داخل ايف آءِ آر ۾ هينڊلر جهڙا لفظ استعمال ڪيا ويا. هن چيو ته الزام هنيو ويو ته ماڻهن کي سڃاڻپ ڪري ماريوويو، ايتري گهٽ وقت ۾ ماڻهن جي سڃاڻپ ڪيئن ممڪن آهي؟ وزيراعظم به ڀارتي بيانيي تي سوال اٿاريو آهي، والاريل ڪشمير جي عوام به ڀارتي الزام بازي جو ڀانڊو ڦوڙي ڇڏيو. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارت دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جون ڪاميابيون سبوتاز ڪرڻ چاهي ٿو، ڀارتي جيلن ۾ قيد پاڪستانين کي دهشتگرد قرار ڏئي جعلي مقابلن ۾ نشانو بڻائي سگهجي ٿو. هن چيو ته پلواما واقعي کي به سياسي مقصدن جي لاءِ استعمال ڪيو ويو هو، ڀارتي شهري چئي رهيا آهن ته پهلگام واقعو سيڪيورٽي ناڪامي آهي. پاڪستان ڪيترائي ڀيرا دنيا آڏو ثبوت رکيا آهن ته ڀارت پاڪستان ۾ دهشتگردي ۾ ملوث آهي، بلوچستان ۾ ٿيندڙ دهشتگردي ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جا ثبوت موجود آهن، ڀارت پاڻ هڪ دهشتگرد رياست آهي. هن چيو ته مستنند معلومات آهي ته ڀارت پهلگام واقعي کانپوءِ پنهنجا ڪارندا پاڪستان ۾ دهشتگردي جي لاءِ متحرڪ ڪري ڇڏيا آهن، پاڪ فوج ۽ ڳجهي ايجنسين جي سموري صورتحال تي پوري طرح سان نظر آهي.