رباط-30 اپريل (اي پي پي)سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته پاڪ- قطر ناتا گهرا، مذهبي، ثقافتي ۽ تاريخي رشتن تي ٻَڌل آهن، آءِ ٽي، فارماسيوٽيڪل، تعميراتي، شپنگ ۽ سامونڊي شعبن ۾ گڏيل سهڪار جي وڏي گنجائش موجود آهي، غزه ۾ جنگبندي ۽ قيدين جي آزاديءَ جي ڪوششن ۾ قطر جي ٽياڪڙي تعريف جوڳي آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان موجب اهڙو اظهار هن مراڪش ۾ قطر جي شوريٰ ڪائونسل جي ڊپٽي اسپيڪر ڊاڪٽر حمده بنت حسن السليطي سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته پاڪستان قطر سان پنهنجي ڀائراڻن خوشگوار ناتن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني، واپاري ۽ معاشي ناتا مضبوط بنيادن تي قائم آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي عوام وچ ۾ ڊگهي مدي وارا ويجها رابطا قائم آهن. وزيراعظم محمد شهباز، قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني جي دعوت تي گذريل سال دؤرو ڪيو. ان دؤري دوران ٻه طرفه ناتا وڌيڪ مستحڪم ٿيا ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار جي موقعن کي هٿي وٺرائڻ تي زور ڀريو ويو. ان موقعي تي سينيٽ چيئرمين قطر جي امير کي پاڪستان جي دؤري ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. پاڪستان قطر کي خطي ۾ پنهنجو اهم ترين ڀائيوار ۽ ويجهو دوست سمجهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان سمورن شعبن ۾ قطر سان ناتن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ لاءِ پُرعزم آهي. سينيٽ چيئرمين طرفان شيخ الماسيه بنت حماد آل ثاني جي پاڪستان ۾ رٿيل ”منظر“ نمائش کي ساراهيو. هن چيو ته قطر چيئرٽي، قطر فنڊ فار ڊولپمينٽ ۽ ايجوڪيشن ابوو آل جهڙن منصوبن ۾ قطر جو رڪدار، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ويجهڙائپ جو ثبوت آهي. ٻه طرفن ناتن کي منظم ۽ اثرائتو بنائڻ لاءِ پارلياماني سطح تي باقاعده رابطا انتهائي ضروري آهن. پاڪستان ۽ قطر وچ ۾ پارلياماني رابطن کي وڌيڪ مستحڪم بنائڻ لاءِ اضافي مفاهمتي يادداشت جا معاهدا اڻٽر آهن. سينيٽ چيئرمين چيو ته قطر جي امير سان قطر انويسٽمينٽ اٿارٽي ۽ قطر بزنس ايسوسيئيشن جي وفدن جو دؤرو، ٻنهي ملڪن وچ ۾ اهم اقتصادي اڳڀرائي جو سبب ثابت ٿيندا. آءِ ٽي، فارماسيوٽيڪل، تعميرات، شپنگ ۽ سامونڊي شعبن ۾ گڏيل سهڪار جي وڏي گنجائش موجود آهي. آءِ ٽي جو شعبو ٻه طرفي سهڪار لاءِ روشن امڪان رکي ٿو. ملاقات ۾ سينيٽ چيئرمين قطر ۾ فيفا ورلڊ ڪپ جي ڪامياب بندوبست ڪرڻ تي مبارڪون پيش ڪيون. هن چيو ته مال سال 2024ع ۾ پاڪستان جو آءِ ٽي روانگي واپار قطر سان 134.5 سيڪڙو جي واڌ سان 9.37 ملين ڊالرن تائين پهچي ويو. ڪراچي ۽ حماد پورٽ وچ ۾ ٻن شپنگ لائنز ذريعي سڌيءَ ريت رابطن ۽ واپاري ناتن کي فائدو پهچي رهيو آهي. اداره جاتي ۽ پاليسي سڌارن سان وڌيڪ سيڙپڪارن جي پاڪستان ۾ دلچسپي وڌندي. قطر وچ اوڀر ۾ خاص طور تي غزه ۽ شام جي معاملن ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. قطر ۾ هڪ لک کان وڌيڪ پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستاني قطر جي ترقيءَ کي يقيني بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. پاڪستان، قطر نيشنل ويزن 2030ع جي منصوبن ۾ سهڪار جاري رکڻ لاءِ پُرعزم آهي. پاڪستان آءِ ٽي، طب ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ قطر جي ترقيءَ لاءِ سهڪار فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهي. اسلام آباد ۽ ڪراچي ۾ 2019ع کان فعال قطر ويزا مرڪز ويزا عمل کي آسان بڻايو پيو وڃي. پشاور ۽ لاهور ۾ وڌيڪ قطري ويزا مرڪز کولڻ تي غور ڪري سگهجي ٿو. ملاقات ۾ ڊپٽي اسپيڪر چيو ته قطر پاڪستان سان پنهنجن ناتن کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ مذهب ۽ ثقافت تي ٻَڌل طويل تاريخي ناتا آهن. پاڪستان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ دهشتگرديءَ خلاف جنگ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. قطر، پاڪستان سان پارلياماني ۽ عوامي رابطن کي هٿي ڏيڻ جو خواهشمند آهي. قطر عالمي هم آهنگي ۽ علائقائي امن لاءِ ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي.