اسلام آباد-30 اپريل (اي پي پي) 18هين آئيني ترميم کانپوءِ صحت، تعليم ۽ سماجي ڀلائي جي شعبن جي صوبن ڏانهن منتقلي باوجود وفاقي حڪومت مالي سال 2024ع دوران انهن شعبن تي ترتيبوار 45 ارب روپيا، 114 ارب روپيا ۽ 478.74 ارب روپين جا فنڊ خرچ ڪيا آهن. ناڻي وزارت طرفان جاري انگن اکرن موجب وفاقي صحت، تعليم ۽ سماجي ڀلائي اهي شعبا آهن جيڪي اپريل 2010ع ۾ آئين جي 18 هين ترميم جي لاڳو کانپوءِ صوبن ڏانهن منتقل ڪيا ويا هئا. ان ترميم ذريعي ڪيترن ئي معاملن کي وفاقي قانون سازي واري فهرست مان ڪڍي صوبائي دائري اختيار ۾ ڏنا ويا جنهن سان اختيارن ۽ ذميوارن کي مرڪز کان صوبن ڏانهن موثر طريقي سان منتقل ڪيو ويو ۽ صوبن کي مالي ۽ قانونسازي جي معاملن ۾ وڌيڪ خودمختياري حاصل ٿي وئي تنهن هوندي به ان ترميم باوجود وفاقي حڪومت انهن شعبن تي وڏا فنڊ خرچ ڪيا آهن. ناڻي وزارت موجب مالي سال 2024ع جي وفاقي بجيٽ ۾ صحت جي شعبي لاءِ مخصوص بجيٽ جو ڳاڻيٽو 24.2 ارب روپيا رکيو ويو هو جڏهن ته مالي سال جي پڄاڻي تي حقيقي خرچن جو ڳاڻيٽو 45 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو، مالي سال دوران ملازمن بابت خرچن لاءِ 9.6 ارب روپيا، آپريشنل خرچن لاءِ 14.6 ارب روپيا مخصوص ڪيا ويا هئا، مالي سال جي پڄاڻي تي ملازمن بابت خرچن جو ڳاڻيٽو 11.8 ارب روپيا ۽ آپريشنل خرچن جو ڳاڻيٽو 11.9 ارب روپيا رهيو جڏهن ته اميونائيزيشن (اي پي آءِ) بابت توسيعي پروگرام تي 21.3 ارب روپيا خرچ ٿيا. صحت جي خرچن ۾ پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ميڊيڪل سائنسز جي خرچن جو ڳاڻيٽو 5.2 ارب روپيا، پمز چلڊرين اسپتال 0.9 ارب روپيا، پمز مڌرز اينڊ چائلڊ ڪيئر سينٽر 0.6 ارب روپيا، پمز ڪارڊيڪ سينٽر 0.3 ارب روپيا ۽ پولي ڪلينڪ اسپتال جي خرچن جو ڳاڻيٽو 3.9 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو آهي. مالي سال 2024ع جي دوران نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ جي خرچن جو ڳاڻيٽو 0.9 ارب روپيا ۽ نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ري هيبيليٽيشن ميڊيسن جي خرچن جو ڳاڻيٽو 1.5 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح شيخ زيد اسپتال لاهور لاءِ مالي سال 2024ع ۾ مختص ڪيل فنڊن جو ڳاڻيٽو 3.5 ارب روپيا مقرر ڪيو ويو هو تنهن هوندي به حقيقي خرچن جو ڳاڻيٽو 4.9 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو، انهن خرچن کانسواءِ صحت قومي خدمت ۽ ريگوليشنز جي گذريل مالي سال دوران حقيقي خرچن جو ڳاڻيٽو هڪ ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو آهي.ناڻي واري وزارت موجب گذريل مالي سال 24-2023ع دوران وفاقي حڪومت تعليم جي شعبي لاءِ 98.5 ارب روپيا مختص ڪيا هئا، مالي سال جي پڄاڻي تي حقيقي خرچن جو ڳاڻيٽو 114 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو آهي، مالي سال 2024ع دوران وفاقي گادي واري هنڌ جي اسڪولن ۽ ڪاليجن جي حقيقي خرچن جو ڳاڻيٽو 21.5 ارب روپيا، ايف جي اي آئنز ڪينٽ 13.1 ارب روپيا، ايڇ اي سي 1.3 ارب روپيا، ٻي مد ۾ 0.9 ارب روپيا، ايڇ اي سي گرانٽس 68.5 ارب روپيا ۽ ايسپائير گرانٽس جو ڳاڻيٽو 8.6 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو. ناڻي واري وزارت موجب مالي سال 2024ع جي وفاقي بجيٽ ۾ سماجي تحفظ جي شعبي لاءِ مجموعي طور تي 479.38 ارب روپين جا فنڊ مختص ڪيا ويا هئا، حقيقي خرچن جو ڳاڻيٽو 478.74 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو، سماجي تحفظ جي شعبي ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام خرچن جو ڳاڻيٽو 466 ارب روپيا، اي آر اي اينڊ او اينڊ ايم (بي آءِ ايس پي) 5.14 ارب روپيا ۽ پاڪستان بيت المال کي گرانٽس جي فراهمي تي 4.2 ارب روپيا خرچ آيا.