اسلام آباد-30 اپريل (اي پي پي) اسٽيٽ بينڪ مانيٽري پاليسي جو اعلان 05 مئي تي ڪندي. گذريل ڏينهن اسٽيٽ بينڪ پاران جاري ڪيل بيان موجب اسٽيٽ بينڪ جي مانيٽري پاليسي ڪميٽي (ايم پي سي) جو اجلاس سومر 05 مئي 2025ع تي منعقد ٿيندو جنهن ۾ مانيٽري پاليسي جي باري ۾ فيصلو ڪيو ويندو جڏهن ته بعد ۾ اسٽيٽ بينڪ پاران ساڳي ڏينهن هڪ پريس ريليز ذريعي مانيٽري پاليسي بيان جاري ڪيو ويندو.