ويٽيڪن -21 اپريل (اي پي پي) رومن ڪيٿولڪ عيسائين جو روحاني پيشوا پوپ فرانسس لاڏاڻو ڪري ويو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گذريل ڏينهن ويٽيڪن هڪ ويڊيو بيان ۾ چيو ته پوپ فرانسس لاڏاڻو ڪري ويو آهي، سندس عمر 88 سال هئي ۽ هو تازو ئي ڊبل نمونيا جي خطرناڪ بيماري مان صحتياب ٿي ويو هو. گذريل ڏينهن ڪارڊينل ڪيون فيرل ويٽيڪن تي پوپ فرانسس جي وفات جو اعلان ڪيو. بشپ آف روم پوپ فرانسس جارج ماريو برگوگليو کي 13 مارچ 2013ع تي پوپ چونڊيو ويو هو. پوپ فرانسس هڪ صدي کان وڌيڪ عرصي ۾ پهريون پوپ به هوندو جنهن کي ويٽيڪن کان ٻاهر دفن ڪيو ويندو. کيس سينٽ ميري ميجر جي باسيليڪا ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو، جيڪو روم جي چئن وڏن باسيليڪا مان هڪ آهي.