اسلام آباد -21 اپريل (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقويءَ پوپ فرانسس جي وفات تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي سندس خاندان ۽ ڪيٿولڪ مسيحي برادري سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظهار ڪيو. گذريل ڏينهن پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پوپ فرانسس ڏکويل انسانيت جي خدمت لاءِ نمايان ڪردار ادا ڪيو. دنيا ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پوپ فرانسس جون خدمتون گهڻي وقت تائين ياد رکيون وينديون. هن چيو ته فلسطين معاملي تي پوپ فرانسس جي اصولي موقف کي سڄي دنيا ۾ ساراهيو ويو. پوپ فرانسس جي وفات سان دنيا هڪ مخلص ۽ امن جي علمبردار شخصيت کان محروم ٿي وئي آهي.