اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي دعوت تي جمهوريه روانڊا جي پرڏيهي معاملن ۽ عالمي تعاون واري وزير اوليور جي پي ندوهنگري 21 کان 22 اپريل تائين پاڪستان جو دورو ڪيو. پرڏيهي آفيس پاران جاري بيان موجب ڌرين خوشگوار ماحول ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن جو اطمينان سان جائزو ورتو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي وڌندڙ رفتار کي ساراهيندي نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار روانڊا سان مختلف شعبن خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ تعليمي مٽاسٽا ۾ دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. روانڊا جي پرڏيهي معاملن ۽ عالمي تعاون واري وزير اوليور جي پي ندوهنگري نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار جي خيالن سان اتفاق ڪندي پاڪستان سان واپار، سيڙپڪاري ۽ عوام سان عوام جي مٽاسٽا ۾ لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. هن نائب وزيراعظم کي 2026 – 2025ع جي مدي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي طور تي پاڪستان جي چونڊ تي مبارڪباد ڏني.