اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ گڏيل عرب امارات جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ عبدالله بن زيد النهيان جي وچ ۾ وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ خوشگوار ۽ تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. پرڏيهي آفيس موجب گڏيل عرب امارات جي نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير جي پاڪستان جي دوري جي موقعي تي بهترين لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي ڌيان ڏيڻ کانسواءِ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي مسئلن ۽ ڳڻتي بابت واضح ماحول ۾ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.