اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته علامه اقبال جو فڪر نئين نسل لاءِ نور جو سر چشمو آهي، سينيٽ به علامه اقبال جي فڪر مان رهنمائي وٺي رهيو آهي. گذريل ڏينهن سينيٽ سيڪريٽريٽ مان جاري بيان مطابق انهن خيالن جو اظهار هن علامه اقبال جي 87 هين يوم وفات جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. سينيٽ چيئرمين چيو ته علامه اقبال جو فڪر نئين نسل لاءِ نور جو سرچشمو آهي. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته اقبال جي شاعري هڪ نظرياتي انقلاب آهي. علامه اقبال جو پاڪستان جو تصور اڄ به رهنما آهي. اقبال جي فڪر کي قومي پاليسين ۾ شامل ڪرڻو پوندو. هن چيو ته سينيٽ آف پاڪستان علامه اقبال جي فڪر مان رهنمائي حاصل ڪري رهيو آهي. جمهوريت، قانون جي حڪمراني ۽ عوامي فلاح لاءِ پرعزم آهيون. سينيٽ چيئرمين چيو ته الله تعاليٰ اسانکي اقبال جي پيغام کي سمجهڻ ۽ اختيار ڪرڻ جي توفيق ڏي.