تھران – 21 اپريل (اي پي پي)ايران جي نائب پرڏيھي وزير ظم غريب آبادي اعلان ڪيو آھي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ماھرن جي سطح جون ڳالھيون 23 اپريل تي سلطنت اومان ۾ منعقد ٿينديون ۽ ان دوران ٽياڪڙ به موجود ھوندو. پرڏيھي ميڊيا موجب ھن ايران جي پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي کي ٻڌايو ته مسقط ۾ فني ماھرن جو اجلاس منعقد ٿيندو جنھن ۾ ٽياڪڙن جي موجودگي ۾ ڳالھين جي تفصيلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. ڌريون ھن وقت ڳالھيون منعقد ڪرڻ لاءِ اصول طعي ڪرڻ تي ڪم ڪري رھيون آھن. ايران جي نائب پرڏيھي وزير وڌيڪ چيو ته اسان جو ملڪ يورينيم جي رچاءَ جي پنھنجي حق جي توثيق ڪري ٿو ۽ اھو مسئلو تھران لاءِ ڳالھين ۾ ريڊ لائين جي حيثيت رکي ٿو. واضح رھي ته 19 اپريل تي ايران ۽ آمريڪا، عمان جي سلطنت جي ٽياڪڙي ۾ ايران جي ايٽمي پروگرام سان لاڳاپيل صورتحال کي حل ڪرڻ لاءِ روم ۾ (بالواسطه) اڻ سڌي ريت ڳالھين جو ٻيو دور منعقد ڪيو. آمريڪا جي وفد جي سربراھي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو خاص نمائندو اسٽيون وٽڪوف ڪري رھيو ھو ۽ ايران جي وفد جي سربراھي پرڏيھي وزير عباس عراقچي ڪري رھيو ھو. 23 اپريل تي فني سطح تي صلاح مشوري بعد ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ملاقات 26 ايريل تي ٿيڻ واري آھي. ٻي دور بعد عمان جي پرڏيھي وزارت اعلان ڪيو آھي ته آمريڪا ۽ ايران ھڪ اھڙي معاھدي تي ڳالھه ڪري رھيا آھن جيڪو تھران کي پرامن ايٽمي توانائي تيار ڪرڻ جي پنھنجي صلاحيت کي برقرار رکڻ جي اجازت ڏيندو.