لاهور – 21 اپريل (اي پي پي) رٿابندي ۽ خاص قدمن بابت وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته علامه اقبال جي سوچ ۽ فڪر اسان لاءِ مشعل راهه آهي، حڪومت اقبال جي فڪر کي تعليمي ميدان جو حصو بڻائيندي. انهن خيالن جو اظهار هن گذريل ڏينهن علامه اقبال جي مزار تي حاضري جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. وفاقي وزير چيو ته علامه اقبال ننڍي کنڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار ملڪ جو واضح تصور ۽ شعور پيش ڪيو، جنهن کي عملي شڪل قاعداعظم محمد علي جناح ڏني. هن چيو ته اڄ هڪ قوم طور اسانکي سماجي ورهاڱي ۽ عالمي چئلينجز درپيش آهن، جنهن جو بنيادي سبب اقبال جي خودي واري فڪر ۽ ڪلام کان دوري آهي، علامه اقبال جي تعليم ئي اسان لاءِ مشعل راهه ۽ اسان جي سمورن مشڪلاتن جو حل آهي. اسانکي سندس فلسفي کي اختيار ڪندي معاشي طور پاڻ ڀروٿيڻ، تعليمي انقلاب ۽ قومي يڪجهتي کي هٿي ڏيڻي پوندي. احسن اقبال چيو ته اسانجا نوجوان قومي اثاثو آهن، علامه اقبال به هميشه نوجوانن کي قوم جو اصل سرمايو قرار ڏنو، هن چيو ته نوجوان ئي اها طاقت آهن جيڪي قوم کي زوال مان ڪڍي سگهن ٿا. وفاقي وزير چيو ته حڪومت اقبال جي فڪر کي تعليمي ميدان جو حصو بڻائيندي، نوجوانن کي جيڪڏهن اقبال جي فڪر سان روشناس ڪرائينداسين ته انتهاپسندي کان پري ٿي سگهون ٿا، نوجوانن کي گهرجي ته هو اقبال جي پيغام کي سمجهن، جديد علم حاصل ڪن ۽ ملڪ جي ترقي ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته اڄ مفڪر پاڪستان جو 87 هون يوم وفات آهي، آئون اڄ سموري قوم طرفان مفڪر پاڪستان کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ آيو آهيان، جڏهن 2027ع ۾ علامه اقبال جو 150 هون يوم پيدائش هوندو ته عالمي سطح تي اقبال ڊي ملهائينداسين. هن چيو ته اقبال جي فلسفي ۽ سندس شاعري کي سامهون رکندي هڪ مثالي معاشرو تعمير ڪري سگهجي ٿو ته جيئن اتي انصاف، محنت ۽ اخلاقيات کي فوقيت حاصل هجي. ان کان اڳ وفاقي وزير مزار تي حاضري ڏني، گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي.