اسلام آباد – 21 اپريل (اي پي پي)گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي ننڍي کنڊ جي عظيم شاعر علامه محمد اقبال جي بي مثال خدمتن کي زبردست لفظن ۾ خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته عظيم مفڪر علامه اقبال اتحاد ۽ ڀائيچاري جو عالمگير پيغام ڏنو، سندس فلسفو اڄ به مشعل راهه آهي، هو مسلمانن لاءِ ڌار رياست جو خواب نه ڏسي ها ته اڄ اسان آزاد وطن ۾ ساهه نه کڻي سگهون ها. علامه اقبال جي 87هين ورسي تي پنهنجي پيغام ۾ گهرو وزير چيو ته مفڪر پاڪستان جو احسان قوم قيامت تائين لاهي نه ٿي سگهي، اقبال جي فلسفي مطابق اسانکي هر چئلينج جو مقابلو گڏجي ڪرڻو آهي، سندس فلسفي تي عمل ڪرڻ جي جيتري ضرورت اڄ آهي اڳ ۾ ڪڏهن نه هئي. محسن نقوي چيو ته وقت اچي ويو آهي ته اسان متحد ٿي ملڪي ترقي لاءِ پرعزم ٿي گڏجي ڪم ڪريون، اڄ اسان کي قوم جي حيثيت سان علامه اقبال جي فڪر کي مشعل راهه بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪرڻو آهي.